ناسا جو هن وقت تائين جو سڀ کان طاقتور راڪيٽ چنڊ تي روانو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ناسا هن وت تائين جو سڀ کان طاقتور راڪيٽ چنڊ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو آهي جيڪو خلائي ايجنسي جي نئين فليگ شپ پروگرام آرٽيمس جو حصو آهي پرڏيهي خابرو ايجنسي مطابق خلائي ايجنسي ناسا 32 ماڙ اسپيس لانچ سٽم نالي راڪيٽ کي گذريل رات هڪ لکي 47 منٽن تي فلوريڊا ۾ ڪينيڊي اسپيس سينٽر کان روانو ڪيا ناسا جي پهرين عورت لانچ ڊآئريڪٽر چارلي بليڪ ويل ٿامسن پنهنجي ٽيم کي چيو ته جيڪو ڪجهه اوهان ماڻهن ڪيو آهي ان سان ايندڙ نسلن جا حصولا وڌندا راڪيٽ کي چنڊ ڏانهن روانو ڪرڻ کان ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ناسا چيو ته اسپيس ڪرافٽ پنهنجي منزل چنڊ ڏانهن رواني آهي ۽ بعد ۾ ڪرافٽ جي پٺيان زمين جون ورتل تصويرون جاري ڪيون ويون ناسا جي ايڊمنسٽريٽر بل نيلسن راڪيٽ جي روانگي کان پوءِ نيوز ڪانفرنس ڪندي چيو ته هاڻي اسان وري چنڊ تي واپس وڃي رهيا آهيون ۽ اسان رڳو چنڊ لاءِ نه پيا وڃون پر اسان اهو سمجهڻ چاهيون ٿا ته انسانن کي مريخ تي موڪلڻ جي تياري لاءِ چنڊ تي ڪيئن رهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو