نئين ڊراما سيريز ’صنف آهن‘ جو ٽيزر جاري ٿيندي ئي مقبول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)هدايتڪار نديم بيگ جي ايندڙ ميگا ڪاسٽ ٿرلر ڊرامي ”صنف آهن“ جو ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سمورن اهم اداڪارن جا ڪردار ڏيکاريا ويا آهن. جاري ڪيل مختصر ٽيزر ۾ ڊرامي جي ڪهاڻي ڏيکارڻ بدران رڳو ڪردارن کي متعارف ڪرايو ويو آهي. ٽيزر ۾ سائره يوسف، سجل علي، ڪبرا خان، يمني زيدي ۽ رمشا خان جا ڪردار ڏيکاريل آهن.  ٽيزر ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن عام خاندانن جون ڇوڪريون پاڪستان آرمي جو حصو بڻجي وڃن ٿيون ۽ ’صنف جي حساسيت کان صنف لوهه تائين‘ جو سفر ڪن ٿيون. ٽيزر ۾ اداڪارائن کي پڻ ڏيکاريو ويو آهي جيڪي يونيفارم ۾ فوجي تربيت لاءِ هٿيار کڻي رهيا آهن. ڊرامي جي ڪاسٽ ۾ شامل اداڪارن پاران مختصر ٽيزر پڻ شيئر ڪيو ويو، جنهن ۾ اي آر وائي ڊجيٽل جي سوشل ميڊيا پيجز شامل آهن. ٽيزر رليز ڪرڻ وقت اهو اشارو ڏنو ويو آهي ته ڊرامي کي جلد نشر ڪيو ويندو پر رليز جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو