نئين هورر فلم’اڌم پٽڪ‘ ڊسمبر ۾ رليز ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)فلمساز ابو عليها ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سندس هارر ڪاميڊي فلم ”اڌم پٽڪ“ ايندڙ سال ڊسمبر ۾ رليز ٿيندي. ”اڌم پٽڪ“ جو ٽريلر هن سال رليز ڪيو ويو هو ۽ ان کي شروعاتي طور تي عيد الاضحيٰ 2021 جي موقعي تي رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. بعد ۾ ڪورونا جي وبا سبب سينما گهرن جي بندش سبب فلم جي نمائش ملتوي ڪئي وئي هئي پر هاڻي فلمساز ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سندس فلم ايندڙ مهيني رليز ٿيندي. ”اڌم پٽڪ“ ۾ فيضان شيخ، حرا عمر، شبانه حسن ۽ طحه همايون شامل آهن. فلم جي ڪهاڻي پڻ ابو عليها پاڻ لکي ۽ هدايتڪاري به ڪئي آهي، فلم جو پروڊيوسر جاويد احمد ڪاڪيپوٽو آهي. رليز ٿيل ٽريلر مان فلم جي ڪهاڻي سمجھڻ مشڪل آهي پر ان مان اندازو ٿئي ٿو ته فلم ۾ نه رڳو هارر پر ڪاميڊي به نظر ايندي. ٽريلر ۾ زومبي کي به ڏيکاريو ويو آهي پر انهن کي وڌيڪ خطرناڪ ڪم ڪرڻ بدران مزاحيه انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ابو عليحه مزاحيه انداز ۾ ٽوئيٽ ڪندي چيو ته فلم ايندڙ مهيني 10 ڊسمبر تي رليز ٿيندي، توهان عمران خان کي ايندڙ 5 سالن لاءِ به حڪمران ڏسڻ چاهيو ٿا ته پڪچر ڏسڻ لاءِ سينيما گهرن جو رخ ڪرڻو پوندو. ياد رهي ته پاڪستان ۾ 18 مهينن کانپوءِ گذريل سال آڪٽوبر ۾ سينيما گهر کولڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، ملڪ ۾ ڪورونا وبا سبب مارچ 2020 ۾ سينما گهر بند ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو