نئون سال اوهان لاءِ ڪيئن رهندو؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) علم نجوم جي ماهر ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا سڀني ستارن وارن نالن لاءِ نئين سال بابت اڳڪٿيون ڪيون آهن. لال ڪتاب جي آڌار تي ڪيل سند پيش گوئين موجب ا، ل ۽چ، وارن الفابيٽ سان شروع ٿيندڙ نالن وارن لاء نئون سال اپريل تائين خوشين ڀريو رهندو. گھر پريوار ، نوڪري ، دوستي ، ڪاروباري، قانوني معاملن ۾ بھتر ثابت ٿيندو. جڏهن ته ب، و، اي ۽ع سان شروع ٿيندڙ نالن وارن جي لاء نئون سال اپريل تائين نحس اسٽار راھو جي دشا يا نظر ھئڻ جي ڪري نارمل رھندو پوء مشتري جي لاڀ جي خاني ۾ اچڻ جي ڪري ڪاروباري، شخصي عروج ۽ محنتن جو ثمر ملندو. ح ھ ق ڪ ڳ الفابيٽ سان شروع ٿيندڙ نالن وارن جي لاء نئين سال ۾ زحل جي دشا يا نظر لھڻ جي ڪري لک ڇڪتاڻ ۽ مخالفت جي باوجود ڪاميابي سندن قدم چمندي. ھي ۽ ھو الفا بيٽ وارن جي لاء نئون سال  تڪراري ، خرچ ۾ اضافو، جذباتي پن رھندو، اپريل کان پوءِ پويان ٻن سالن کان پئدا ٿيل خلفشار کي ختم ڪري  بھتر، لاڀائتو ٿيندو ، معاملن تي دسترس حاصل ٿيندي. م،ٽ ۽ٺ سان شروع ٿيندڙ نالن وارن جي لاء نئون سال اپريل تائين سٺو ثابت ٿيندو سياسي سماجي اقتصادي، گھريلو، مالياتي طور تي فائديمند ثابت ٿيندو پوء زحل يعني شني جي نظر پوڻ جي ڪري کين محطاط رهڻو پوندو، شاھدي ضمانت کان بچجي نه ته دوکو ملڻ جو امڪان آهي. پ پي پو نالن وارن جي لاء اپريل تائين مشتري يعني گرو جي شڀ نظر پوڻ جي ڪري بھتر  پوءِ سڄو سال نارمل رھندو. ر ت ط وارن جي لاء نئون سال زحل يعني شني جي دشا يا نظرھوندي گرو جي شڀ نظر پوڻ جي ڪري  ھر طرف کان بھتري جا امڪان آهن، سياسي سماجي،گھريلو ، معاشرتي طور  ڀرپور محنت سان لاڀ حاصل ٿيندو. ن ي ظ ز، نالن وارن جي لاء نئون سال شروعاتي طور جذباتي پن، ذهني ڇڪتاڻ، خرچ ۾ اضافو، تڪراري رھندو ، اپريل کان گرو ( مشتري) جي سعد نظر طالع ۾ پوڻ جي ڪري لک مخالفتن جي باوجود معاملن تي دسترس حاصل ٿيندي. ڀ ف ڦ ڌ نالن وارن جي لاء نئون سال شروعاتي طورخرچ ۾ اضافو، ذھن تڪراري رھندو. 15 فيبروري کان عروج حاصل ٿيندو اپريل کان شني جي دشا ختم ٿيندي پوءِھر طرف کان بھتري جا امڪان آهن.خ ج ک وارن لاء نئون سال شروعاتي طور جذباتي پن، تڪراري، خلفشار وارو ثابت ٿيندو، صبر ۽ ڪمپرومائيز سان ڪم وٺجي، اپريل کان پوء ڀڄ ڊڪ کان پوءِ بھتر لاڀ حاصل ٿيندو. ش س ص گ غ نالن وارن جي لاء نئون سال اپريل تائين لاڀائتو رهندو، معاملن تي دسترس حاصل ٿيندي، پوء شني جي دشا پيٽ تي اچڻ جي ڪري ڇڪتاڻ رھندي. جھ ٿ ڏ نالن وارن جي لاء نئون سال اپريل کان گرهه لگڻ ( طالع ) ۾داخل ٿيڻ جي ڪري پويان ٻن سالن جي پئدا ٿيل خلفشار کي ختم ڪري خوشين جا خزانا آڻيندو. گھر، پريوار، ڪاروبار ،نوڪري ، سماج ۾ مان شان ۾ اضافو حاصل ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو