مُڱيرن جي داڻن سبب الرجي جي دوا تيار، ايف ڊي اي جي منظوري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي فيڊرل ڊرگ ايجنسي يعني ايف ڊي اي، مُڱيرن يعني مڱ ڦرين جي داڻن مان ٿيندڙ الرجي جي دوا منظور ڪري ڇڏي آهي. پالفورزيا Palforzia نالي هن دوا ۾ پينٽ يعني مڱيرن جي گورن جو پائوڊر به شامل آهي. تقريبن هڪ داڻي برابر ڊوز روزانو کائڻ جي 6 مهينن بعد 4 سالن کان 17 سالن جي ٻارن ۾ الرجي ختم ٿي وڃي ٿي. هي پائوڊر متاثره ٻارن کي کاڌي ۾ ملائي کارايو ويندو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس موجب آمريڪا ۾ 16 لک ٻار مڱ ڦرين جي گورن جي الرجي جا مريض آهن جن کي هن دوا مان فائدو ٿيندو. 18 سالن جي نينا نڪولس جنهن هن دوا جي تياري مهل تجربن لاءِ رضا ڪارانه شرڪت ڪئي هئي تنهن جو چوڻ آهي ته هنکي تمام گهڻو فائدو ٿيو آهي ۽ هي دوا تمام شاندار نتيجا ڏيندڙ آهي. ڪجهه مريضن جو چوڻ آهي ابتدائي طور دوا کائڻ سبب منفي اثر ظاهر ٿين ٿا ۽ معدي ۾ به تڪليف ٿئي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو