ميٿين گيس جي ليڪيج ڳولڻ جو آسان طريقو دريافت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ميٿين گيس هڪ ڳجهي ۽ لڪيل گرين هائوس گيس آهي، جيڪا غير متوقع طور تي پائپ لائنن ۽ گيس فيلڊز مان ليڪ ٿيندي رهي ٿي. سائنسدان ميٿين گيس جي ليڪيج کي ڳولڻ لاءِ هٿرادو ذهانت يعني اي آءِ جو استعمال ڪندي ان جي سيٽ لائيٽ ذريعي نشاندهي جو طريقو ڳولي ورتو آهي. ماضي ۾ واچ ڊاگ کي زمين يا هوائي جهاز ذريعي ممڪنه سائيٽس جي نگراني ڪرڻي پوندي هئي. هاڻي، وڏي پئماني تي، ٿوري وقت ۾ ليڪس پاڻمرادو ڳولي سگهجي ٿي. خلا مان، دنيا ۾ ڪٿي به ليڪيج جي نشاندهي ڪر سگهجي ٿي. انهن کي پلگ ان ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي خرابي ۾ ميٿين گيس جي ڪردار کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو ۽ هي ان ڏس ۾ وڏي پيش رفت آهي. نئين ٽيڪنڪ، جيڪا مصنوعي ذهانت (AI) استعمال ڪري ٿي هڪ يورپي سيٽلائيٽ پاران گڏ ڪيل 12 ملين روزاني جي مشاهدن کي اسڪين ڪرڻ لاءِ، مستقبل جي ڪوششن ۾ مدد ڪري سگهي ٿي ته جيئن سيٽلائيٽ ذريعي گڏ ڪيل ڊيٽا ۾ليڪيج جي نشاندهي ڪري سگهبي. 2021 ۾ انٽرنيشنل ميٿين ايميشن آبزرويٽري جو اعلان ڪيو ويو هو. گڏيل قومن. جيتوڻيڪ هن وقت تائين اها ٽيڪنڪ صرف سڀ کان وڏي ليڪيج جي نشاندهي ڪري ٿي. ايلس ايبن هالينڊ انسٽيٽيوٽ فار اسپيس ريسرچ (SRON) جي هڪ خلائي سائنسدان ۽ نئين تحقيقاتي رپورٽ جو گڏيل ليکڪ آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته ”هي تمام ٿوري فاصلي تي لٽڪندڙ ميوي جيان آهي، جيڪو ڪير به فوري طور ان کي کائي سگهي ٿو“. هن وڌيڪ چيو ته “جيڪڏهن توهان ميٿين گيس جي ليڪيج کي روڪڻ جي تمام آسان ۽ بهتر ڪوشش آهي .”ياد رهي ته ميٿين جو موسمي خرابي ۾ 25 سيڪڙو ڪردار آهي پر ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي ڀيٽ ۾ ماحول ۾ 80 سيڪڙو وڌيڪ گرمائش پيدا ڪري، اها ڌار ڳالهه آهي هن جو اثر ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جيان ڊگهي وقت تائين نه هوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو