مير ۽ عباسي جا ڪارڊ بلاڪ، گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) جو تيل خانگي ڪمپني بائيڪو کي فراهم ڪري قومي خزاني کي 23 ارب رپين جو نقصان رسائڻ واري ڪيس ۾ پي ايس او جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ( ايم ڊي)  نعيم يحي مير ۽ عامر عباسي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کين 11 ڊسمبر تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ڄاڻايل ٻنهي مفرور جوابدرن جا سڃاڻپ ڪارڊ پڻ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڇنڇر ڏينهن  پي ايس او ۽ بائيڪو  جي آفيسرن خلاف داخل ڪيل ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. نيب موجب ڄاڻايل ٻئي جوابدار مفرور ٿي ويا آهن جنهنڪري سندن خلاف ڪارروائي هلندڙ آهي جنهن تي عدالت نيب کي سندن سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 11 ڊسمبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. نيب موجب ڄاڻايل ڪيس ۾ پي ايس او جي اڳوڻي ايم ڊي نعيم يحي مير ۽ عامر عباسي سميت نذير احمد جعفري، ذوالفقار علي جعفري، اختر ضمير، عامر عباسي ۽ ٻين ملي ڀڳت سان پي ايس او جو پيٽرول بائيڪو کي ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ قومي خزاني کي 23 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. ڄاڻايل ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ذوالفقار علي جعفري کي اسلام آباد مان ۽ نذر علي زيدي کي گلگت بلتستان مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو