موٽرولا پاران 40 ڪلاڪ بيٽري وارو سستو فون پيش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موٽورولا ڪجهه وقت اڳ موٽو اي 20 ۽ اي 40 فون متعارف ڪرايا هئا ۽ هاڻ اي 30 کي خاموشي سان پيش ڪيو ويو آهي. موٽرولا سلواڪيا ۽ بيلجيئم ۾ ان فون کي متعارف ڪرايو آهي جيڪ گھڻي حد تائين موٽو اي 40 جهڙو ئي آهي. اهو اينڊرائيڊ 11 گو ايڊيشن فون آهي. فون جي اندر اي 40 جيان يوني ايس او سي پراسيسر موجود آهي. اي 30 ۾ 6.5 انچن جي آءِ پي ايس ايل سي ڊي ڊسپلي 90 هرٽز سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي. اهو فون ٻه جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج سان ليس هوندو، پر اسٽوريج ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ اضافو ڪري سگھبو. فون جي هڪ خاص ڳالهه اها آهي ته ان جي 5000 ايم اي ايڇ جي طاقتوري بيٽري آهي جنهن سان گڏ 10 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي. ڪمپني موجب فل چارج ٿيڻ تي بيٽري 40 ڪلاڪن کان وڌيڪ هلي ٿي. فون جي بيڪ تي ٽن ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جي مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا ڏنيون ويون آهن. فون جي فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا پنچ هول ڊزائين ۾ لڪيل آهي. ٻين فيچرز ۾ هيڊ فون جيڪ ۽ واٽر ريپلينٽ ڊزائين ذڪر جوڳا آهن جڏهن ته 4 جي فون ۾ واءِ فاءِ بگ ۽ بلوٽوٿ 5.0 سپورٽ موجود آهي. ان فون جي قيمت سلواڪيا ۾ ڪمپني جي ويب سائيٽ تي ته موجود نه آهي پر بيلجيئم ۾ ان جي اڳيان 100 يورو (19 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) لکيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو