مولانا سان ملاقات گڏيل اپوزيشن جي ڪاميابي آهي، بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم ۾ اختلاف ختم، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ بعد پهريون ڀيرومولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه  ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جي گڏيل حڪمت عملي هيٺ ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جعلي حڪومت کي چونڊ سڌارن جو ڪو اختيار ناهي، هنن رات جي انڌيري ۾ اجلاس گهرايو جيڪو اپوزيشن جي متحد ٿيڻ سبب ملتوي ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب عدم اعتماد بابت به مشاورت ڪئي وئي ۽ حڪومت کي گڏجي گهر ڀيڙو ڪرڻ بابت به مشاورت ڪئي وئي.

ذريعن موجب  پارليامينٽ ۾ حڪومتي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪردار تي به صلاح مشورا ڪيا ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات بعد ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات ٿي. ملاقات بعد بلاول چيو ته پي ڊي ايم ۾ واپسي بابت ملاقات ۾ ڪا ڳالهه ٻوله نه ٿي. اسانجي ملاقات متحده اپوزيشن جي ڪاميابي آهي. پارليمان ۾ متحده اپوزيشن سبب اسانجو بل پاس ٿيو ۽ حڪومت جو بل رد ٿيو، اپوزيسن جي اتحاد سبب حڪومت گڏيل اجلاس ملتوي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو