موسم جي تبديلي وانگر سياست ۾ به تبديلي ايندي آهي، شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گهرو کاتي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته موسم جي تبديلي سان گڏ سياست ۾ به تبديلي ايندي آهي. چونڊ سڌارن بابت سڏايل پارليامينٽ جو اڄوڪو گڏيل اجلاس اسپيڪر ملتوي ڪيو ۽ هن شايد اهو بهتر سمجهو هوندو. هڪ سوال تي هن چيو تهٽي ايل پي سان ڳالهين جو منڍ کان حامي هئس، ساڻن ٿيل معاهدي جي خبر ناهي جڏهن لفافو کليو ته خبر پئجي ويندي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اپوزيشن وارا ٽي وي اسڪرين ۾ ڦاٿل آهن. هن چيو ته عمران خان کي ڪو خطرو ناهي هو پنج سال پورا ڪندو. افغانستان بابت سوال تي هن چيو ته افغانستان ۾ سردي وڌي رهي آهي خوراڪ جي کوٽ آهي، مسلمانن جي پاڙي ۾ ڪو مسلمان بک کان مري اهو برداشت نه ٿيندو ان جا اثر پاڪستا تي به پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو