مورڙي جي ماڳ ۽ قبرن جي حفاظت لاءِ بائونڊري ڏبي، ابڙو

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهور) ڪياماڙي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي ابڙو چيو آھي ته مورڙي جي ماڳ کي بھتر بنائڻ لاء قبرن جي ٻيھر تعمير ڪرائي چوڌاري ديوار ڏياري پئي وڃي ته جيئن قبرن جي تذليل نه ٿي سگھي ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي ابڙو گل ٻائي پھچي مورڙي جي ماڳ تي ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي مختيار علي ابڙي چيو ته مورڙي جي قبرن کي ٻيھر تيار ڪرايو پيو وڃي  ماڳ جي بائونڊري وال کي اونچو ڪيو ويندو ته جيئن ڪو قبرن جي بيحرمتي نه ڪري ھن چيو ته ماڳ جي اندر ھڪ ھال ۽ اسٽيج به جوڙائي ويندي ته جئين ماڳ ۾ اندر ادبي ۽ ثقافتي تقريبون ڪري مورڙي جي ڀائرن کي ڀيٽا پيش ڪري سگھجي سندس چوڻ ھو ته ڪياماڙي ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آھي جلد ھاڪس بي روڊ کي مڪمل ڪيو ويندو ته جيئن علائقي ۾ خوبصورتي پيداٿي سگھي مختيار علي ابڙي چيو ته ڪياماڙي ضلعي کي ماڊل ضلعو بڻايو ويندو ان ۾ عوام جي سھڪار جي سخت ضرورت آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو