مودي سرڪار جي پسپائي، هارين بابت ٽئي قانون واپس وٺي ڇڏيا

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي هارين بابت 3 قانون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ سال کان ڀارتي هارين جو احتجاج جاري هو ۽ نئين دهلي جي داخلا وارن رستن تي هاري خيمن ۾ موجود هئا جيڪي هڪ سال کان لڳاتار احتجاج ڪري رهيا هئا. حڪومت ۽ هارين جي نمائندن ۾ ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ٿيون جيڪي ناڪام رهيون. حڪومت جي دعويٰ آهي ته انهن قانونن سان هارين کي مارڪيٽ تائين رسائي، جنسن جو بهتر اگهه ملڻ سميت ڪافي فائدا ٿيندا. جڏهن ته هارين جي نمائندن جو موقف هو ته نون قانونن سبب نجي ڪمپنين کي وڏي پيماني تي زمين آباد ڪرڻ جو موقعو ملندو جنهن سبب ننٺا آبادگار دربدر ٿيندا. ماهرن جو چوڻ آهي ته اتر پرديش ۽ پنجاب جيڪي زراعت ۽ هارين جا 2 وڏا صوبا آهن، انهن ۾ صوبائي اليڪشن ٿيڻ واري آهي جنهن سبب مودي سرڪار اهڙو فيصلو ڪيو آهي ۽ زراعت بابت ٽئي قانون واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. هاري تنظيمن پنهنجي ڪاميابي جو جشن ملهائيندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن وري نئين انداز ۾ حڪومت ٻيهر اهي قانون آندا ته هو وري احتجاج ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو