مهانگائي ۾ واڌ عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ آهي، محنتي

مٺي(ن سنڌيار)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته مهانگائي عام ماڻهوءَ جي زندگي مشڪل بڻائي ڇڏي آهي، پيٽرول، بجلي جي اگهن ۾ اضافو، گيس بحران ۽ مني بجيٽ عوام مٿان کنوڻ بڻجي ڪري آهي، مهانگائي سميت مڙني مسئلن کان نجات جو واحد رستو ديانتدار قيادت آهي، خزاني واري وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جي اگهه ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن تي اڃان وڌيڪ اضافي جي ڳالهه عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي ٿرپارڪر پاران مٺي ۾ هڪ روزه ضلعي تربيت گاهه کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مني بجيٽ کان ويندي اسٽيٽ بينڪ جي خودمختاري سميت عوام دشمن سڀني فيصلن ۾ مخالف ڌُر حڪومت سان ٻُٽ بڻيل آهي. جماعت جي ترجمان مجاهد چنا پاران جاري ڪيل بيان ٻڌايو ويو آهي ته محمد حسن محنتي خطاب ۾ چيو ته قومي اسيمبلي اجلاس ۾ مني بجيٽ پيش ڪرڻ مهل شهباز شريف، بلاول زرداري جي غير موجودگي ميچ فڪس جو نتيجو هو،

اسان ملڪ مان باطل ۽ طاغوتي وياج واري نظام جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، قوم سردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدار طبقي مان جان ڇڏائڻ لاءِ هاڻي جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي. گذريل ٻن مهينن کان سنڌ جا هاري ۽ آبادگار يوريا ڀاڻ لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن، 1750 روپين واري ٻوري 3200 ۾ بليڪ تي وڪرو ٿي رهي آهي، پر سنڌ ۽ وفاقي حڪومت هارين ۽ آبادگارن جي مسئلن کان بي پرواه بڻيل آهي، هن وقت ملڪي معيشت مڪمل طور تي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪئي وئي آهي، آءِ ايم ايف سان ڍيل ملڪ کي وڌيڪ تباهي ڏانهن وٺي ويندي. ان موقعي تي صوبائي نائب امير ممتاز حسين سهتو خطاب ڪندي چيو ته بيڪري مصنوعات ۽ معصوم ٻارن جي استعمال وارن شين تي 17فيصد ٽيڪس لڳائي حڪومت سفاڪيت جي حد ڪري ڇڏي آهي، اقتصادي غلامي کي ختم ڪرڻ لاءِ نه رڳو پارليامينٽ بلڪه هاڻي چوڪن چوراهين تي به احتجاج ڪرڻو پوندو نه ته ايندڙ نسلون به غلامي، بربادي ۽ غربت جو شڪار رهنديون. سنڌ جي عوام هر ڀيري جهوليون ڀري ووٽ پيپلزپارٽي کي ڏنا آهن، پر گيس، تيل ۽ ڪوئلي سميت قدرتي وسيلن سان مالا مال شاهوڪار سنڌ جا ماڻهو صحت، تعليم، صاف پاڻي سميت هر قسم جي بنيادي انساني ضرورتن کان محروم آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڀوتارن، آفيسر شاهي ۽ خانداني موروثي سياسي وڏيرن پاران عوام جي ڳچي ۾ پيل غلامي جو پٽو لاهي ڦٽو ڪجي، هاڻي سنڌ جي عوام کي پنهنجي ايندڙ نسلن جي ڀلائي لاءِ جماعت اسلامي جي ديانتدار قيادت کي چونڊڻو پوندو. ضلعي اجتماع کي جماعت اسلامي سنڌ جي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، مولانا عبدالقدوس احمداڻي، نواب مجاهد بلوچ، سبحان سميجو، ميرمحمد بُليدي، عبدالغني  بجير ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو