مني بجيٽ اسمبلي ۾ پيش، اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن ۾ مار ڪٽائي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت مني بجٽ وارو بل قومي اسمبلي ۾ رولز معطل ڪري پيش ڪري ڇڏيو آهي. رولز معطل ڪرڻ جو ٺهراءُ وزيراعظم جي مشير بابر اعواڻ پيش ڪيو. جڏهن ٺهراءُ پاس ٿيو ته اپوزيشن اسمبلي ۾ هل هنگامون ڪندي حڪومت خلاف نعريبازي شروع ڪئي، هر طرف شيم شيم جا نعرا لڳندا رهيا. ان گوڙ دوران ناڻي واري وزير شوڪت ترين مني بجٽ يعني مالياتي ضمني بل 2021 پيش ڪيو. جنهن بعد اسپيڪر اسد قيصر چيو ته هي بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ نه موڪليو ويندو. ان تي وري اپوزيشن هل هنگامون ڪيو. اپوزيشن وارا اسپيڪر ڊائيس آڏو احتجاج ڪندا رهيا ان دوران پيپلز پارٽي جي شگفته جماڻي ۽ پي ٽي آءِ جي غزاله سيفي وڄ ۾ بهث ٿيو ۽ جماڻي کيس ثڦڙ وها؟ي ڪڌي. ان دوران ٻين ميمبرن وڄ ۾ پئي کين ڇڏايو.

Screen shot

هن بل ذريعي 150 کان مٿي عام استعمال جي شين تي سيلز ٽيڪس جي رعايت ختم ٿي ويندي ۽ اهي شيون مهانگيون ٿي وينديون ۽ 350 ارب روپين جي ڇوٽ ختم ٿي ويندي.ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان جي صدارت م ڪابينا جو خصوصي اجلاس ٿيو جنهن ۾ هن بل جي منظوري ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عوام تي ٻيهر مهانگائي جو پهاڙ ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ٿي ويون آھن، موبائيل فونز، گهڙيون، امپورٽ ٿيندڙ گاڏيون، ڪپڙا ۽ جوتا مهانگا ٿي ويندا، هاڻي 350 ارب رُپين جي ٽئڪس ڇوٽ به واپس ورتي ويندي. گهڻي ڀاڱي اها ڇوٽ دفاعي ادارن کي حاصل آهي. وفاقي ڪابينا اڄ آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل مني بجيٽ جي منظوري ڏيندي، جنهن بعد حڪومت اڄ ئي قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪندي، وزيراعظم عمران خان مني بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ اتحادين کي به اعتماد ۾ ورتو آهي. آِ ايم ايف جي 22 جنوري واري اجلاس کان اڳ سندن شرط پورا ڪرڻ لاءِ سبسڊيز ختم ڪرن جو فيصلو ڪيو پيو وڃي. اپوزيشن ڪالهه کان وٺي ڪيترا ڀيرا گڏيل اجلاس ڪيا آهن ۽ مني بجيٽ جي هر قيمت تي مخالفت ۽ بل رد ڪرن جو اعلان ڪيو آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو