مهانگائي جا رڪارڊ ٽٽي ويا، 28 شيون چوٽ چڙهي ويون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 45.64 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي، جڏهن ته 28 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.وفاقي شماريات واري اداري جي تازي رپورٽ موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.96 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ سالياني مهانگائي جي شرح 45.64 سيڪڙو جي رڪارڊ سطح تي پهچي وئي آهي.شماريات واري اداري هفتيوار مهانگائي جو انگ پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب هڪ هفتي دوران 28 عام واهپي جي ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي.شماريات بيورو طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هڪ هفتي دوران ٽماٽن جي اگهه ۾ 9 رپيا في ڪلو کان وڌيڪ واڌ، چانهه جي 190 گرام واري پيڪيٽ جي قيمت ۾ 40 رپيا، پٽاٽن جي اگهه ۾ 3 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي.کنڊ جي اگهه ۾ 3 رپيا في ڪلو ۽ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي ۾ 43 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي.شماريات واري اداري موجب هڪ هفتي دوران 11 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ 12 شين جا اگهه برقرار رهيا.شماريات کاتي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هفتي دوران 28 کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو