منشيات ۽ مهانگائي خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان مھنگائي صحت کاتي ۾ جعلي ڀرتيون سوپاري بلڊرمافيا جا قبضه سارين جي ڪٽوتي شھر ۾ بدامني چوريون ڦرون منشيات جو شھر ۾ سري عام وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن الزام هنيو ته ايس ايس پي ۽ ڊي سي ٽنڊو محمد خان حڪمران ڌر جو در ٻاري آهن، شھرين جي مسئلن جو ڪوبه نوٽيس نٿا وٺن. سٽي صدر منورسومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي جنھن ۾ مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ضلع صدر اقبال حاجاڻو ۽ منورسومرو شھر جي ڦليلي پل تي ڌرڻو ھڻي اختجاج رڪارڊ ڪرايو جنھن ۾ اعجاز نوناري سارنگ شاھ جمن ملاح جمن سمون شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو