ملڪ ۾ گيس بحران، شهري پريشان، سي اين جي اسٽيشنون بند

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سردي جي موسم ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ پريشر گهٽ هجڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ گيس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي. پنجاب،ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سردي وڌڻ ڪري گيس غائب ٿي وئي آهي جنهن سان صارفين شديد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. سوئي گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ پريشر ۾ گهٽتائي سبب ماني پچائڻ ۾ پريشاني ٿي رهي آهي ۽ صارفين بل ادا ڪرڻ باوجود ڪاٺيون ٻاري رهيا آهن. ڪراچي ۾ به گيس بحران شديد ٿي ويو آهي گهريلو صارفين ۽ ڪمرشل سيڪٽر کي گيس جي قلت سبب دشواري پيش اچي رهي آهي گهريلو صارفين جي طلب پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ اندر سي اين جي اسٽيشنون گذريل 5 ڏينهن کان بند ڪيون ويون. سي اين جي بندش سان پبلڪ ٽرانسپورٽ گهٽ هجڻ ڪري شهرين کي پنهنجي منزل تائين پهچڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ۽ هو وڏا ڪرايا ڀري پرائيويٽ ٽرانسپورٽ ۾ چڙهڻ تي مجبور آهن.  

پهنجو تبصرو موڪليو