ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسن ۾ واڌ، 1 ڄڻو فوت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي رهيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي وبا سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي.ملڪ ڪافي عرصي کان ڪورونا مريضن جي لسٽ ۾ 53هين نمبر تي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 3.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 168 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته علاج هيٺ 23 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 647 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته مريضن جو انگ 15 لک 78 هزار 767 تائين پهچي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 هزار 557 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 15 لک 38 هزار 559 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو