’ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 17.37 سيڪڙو وڌي وئي آهي‘

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) شماريات واري بيورو موجب گذريل هفتي مهانگائي جي شرح 1.81 سيڪڙو تائين وڌي وئي، جنهن سان ملڪ جي مجموعي مهانگائي جي شرح 17.37 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. بيورو جي هڪ رپورٽ موجب، گهٽ ۾ گهٽ آمدني وارن لاءِ مهانگائي 18.62 سيڪڙو تائين پهچي وئي، هڪ هفتي دوران 30 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ 6 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي جڏهن ته 15 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ٽماٽر جي قيمت ۾ 23.29 رپيا في ڪلو ۽ گيهه جي قيمت ۾ 12.07 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي. انڊا، آلو، پياز، گجر، کير، ايل پي جي، ننڍو گوشت گذريل هفتي مهانگو ٿي ويو. جڏهن ته بجلي جي قيمتن ۾ 18 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي. رپورٽ موجب کنڊ جي قيمت ۾ سراسري طور 10 رپيا 29 پئسا في ڪلو گهٽتائي ۽ اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 3 رپيا 11 پئسا سستو ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو