ملالا يوسفزئي نڪاح ڪري ڇڏيو، دعائن جي اپيل

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) ننڍي عمر ۾ نوبل انعام يافتا سوات ڄائي ملالا يوسفزئي شادي ڪري ڇڏي. هن پنهنجي نڪاح جون تصويرون ٽوئٽر تي شيئر ڪري ڇڏيون آهن. ملالا يوسفزئي جو نڪاح عصر ملڪ نالي نوجوان سان ٿيو، نڪاح جي سادي تقريب ٿي، ملالا يوسف زئي سڀني کي دعا جي اپيل ڪندي چيو آهي ته عصر ۽ آئون جيون ساٿي بڻجي ويا آهيون اسانجي نڪاح جي تقريب برمنگهم جي هڪ گهر ۾ ٿي،

جنهن ۾ ٻنهي خاندانن جي گهرڀاتين شرڪت ڪئي، اڄ منهنجي زندگي جو هڪ قيمتي ڏينهن آهي، اسان ايندڙ زندگي جي سفر لاءِ پرجوش آهيون، اوهان جي دعائن جي ضرورت آهي. ياد رهي ته عصر ملڪ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ م جنرل مئنيجر آپرشنز آهي جتي هن 2 سال اڳ نوڪري جوائن ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو