مقتول جي وارثن کي انصاف جي خاطري ۽ قاتلن جو تحفظ ڪندڙ ڪير؟

ليکڪ  اي اي عباسي 

قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ ،  خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا ، هيءُ قومي شاعر پنهنجي لفظن ۾ مقتول جي حوالي سان سفاڪ قاتل کي للڪاريندي وڏي ڳالهه ڪري ويو آهي، هن مدي خارج ۽ دقيانوسي سماج ۾ زندهه رهڻ هڪ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي، پنهنجي سامهون روز بروز لاشن جا ڍير لڳل ڏسڻ لاءِ ملن ٿا پر قانون ۽ انصاف جي حوالي سان جوءِ به نٿي چري ازخود نوٽيس الائي جي ڪنهن جا نڪرندا رهن ٿا، ڪراچي جو ناليوارو مشهور سماجي اڳوڻ ۽ سوشل ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ جو چوڻ آهي ته هن ملڪ ۾ انڌيري نگري چرٻٽ راجا وارو قانون هجڻ گهرجي، هرهڪ ماڻهو کي انصاف ملڻ گهرجي، جيستائين نظام جوکيو جي قاتلن جو تعلق آهي ته ڄام اويس کي سرڪاري طور تي ٿاڻي جي اندر سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، ايتري قدر جو انهيءَ کي رات جو آرام ڪرڻ لاءِ پنهنجي بنگلي ۾ ڇڏيو وڃي ٿو، مقتول ناظم جوکيو جا ثبوت موبائيل فون،  ڪپڙا ۽ سي سي ٽي وي گم ڪيا ويا آهن، هن جو چوڻ آهي ته سنڌ دشمن منصوبي بحريه ٽائون ۽ هن قهري واردات ڪاروائي ۾ سرڪاري طور تي انڪوائري ڪرڻ لاءِ اهڙا  آفيسر رکيا ويا آهن جيڪي جانبدار تڪراري قسم جا آهن، هنن بحريه ٽائون توڙي ناظم جوکئي واري ايشو ۾ ايماندار حق سچ جي ڳالهه ڪندڙ ۽ غير جانبدار نيوٽرل قسم جا آفيسر مقرر ڪيا وڃن، اڻ ڌري صاف، شفاف ۽ غير جانبدارنه انڪوائري ٿيڻ گهرجي، سرڪار هروڀرو عوام جي خون سان کيڏڻ جي سازش نه ڪري ته مقتولن جي وارثن کي انصاف ملي سگهي. سنڌ ۾ ڪو جهنگ جو قانون ناهي جو جنهن کي جيئن وڻي اهو شڪاري جي روپ ۾ سنڌ جا وارث ماريندو قتل ڪندو وتي، سنڌ نڌڻڪي لاوارث ي يتيم ناهي جو جنهن کي ايري گيري نٿو خيري کي وڻي اهو ڪونڌر پٽ رت ۾ وهنجاريندو وتي، حرام خورن ڀوتارن جي آسري سنڌ پنهنجي تشخص، پنهنجي وجود جي انحرافي نه ٿي ڪري سگهي، سنڌ ۾ روز ڪونڌر ۽ ارڏا پٽ ماريا ويا آهن انهيءَ تي سان کان ووٽ وٺندڙ وڏيرن ڀوتارن ڪهڙي مزاحمت ڪئي آهي؟، اهي پيٽ وڏا جن قوم جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي انهن کي انهيءَ ڳالهه جي ڪنهن اجازت ڏني آهي ته اسان جي ڌرتيءَ مٿان لامارا هڻندڙ شڪارين کي سنڌي ماڻهن جي لاشن جا لائيسنس جاري ڪري ڇڏين، بدبودار وڏيرڪي ۽ ڀوتارڪي سسٽم ۾ هميشه غريب ماڻهو عتاب جو شڪار رهيو آهي، ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ جيڪي پوز خان پاڻ کي هروڀرو جو چڱو مڙس سڏائيندي ٿڪبا ناهن ۽ غريب ماڻهن مٿان ظلم، زيادتين ۽ نا انصافين جا پهاڙ ڪيرائيندي انهن بي پهچ، مسڪين، محتاج غريب ماڻهن کي هر پل اذيت مان گذاريندا رهن ٿا انهن جي تعليم جا دشمن، انهن جي ترقي جا دشمن، انهن جي خوشحاليءَ جا ويري معنيٰ ته وڏيرو ڀوتار سنڌ جي ويريءَ جي کليل علامت آهي، هتي رڳو ناظم جوکيو، فهميده سيال، ارسلان ابڙو جي بي رحماڻي ۽ وحشياڻي قتل جي ڳالهه ئي ناهي پر انهي کان اڳ ۾ به روزانو لاشن جا تحفا ملندا رهيا آهن، هن سماج ۾ زندهه رهڻ سڀ جو بنيادي حق ، قانوني ۽ آئيني حق آهي ته پوءِ روز بروز اسان کي رت ۾ ٻڏل لاشن جا تحفا آخر ڪيستائين ڏنا ويندا؟، ماروئڙن جي واهر جو سوال آهي سنڌ جي وجود ۽ جياپي جو سوال آهي. جيڪڏهن هر دفعي سنڌ جي دشمنن  جي روپ ۾ قاتل رهزن پنهنجا روپ بدلائيندي وار ڪندو رهندو ته پوءِ به سنڌ جواب ڏيڻ مزاحمت ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿي، سنڌ جي ڪونڌر، ارڏن پٽن جي لاشن سان کيڏڻ بند ٿيڻ گهرجي، شڪاري جي روپ ۾ سنڌ کي ويران سنسان ڪرڻ جو معمول ختم ٿيڻ گهرجي ڪنهن به شڪاري کي سنڌ ۾ شڪار ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌ ڪنهن لاءِ ڪو جهنگ جو قانون يا انڌيري نگري جو ميدان سجايل ناهي. سرڪار سڳوري کي مقتول ۽ قاتل ۾ فرق محسوس ڪرڻ گهرجي انصاف جون تقاضائون عدليه کي ازخود نوٽيس وٺي پوريون ڪرڻ گهرجن. جيئن سنڌ جي عوام کي به محسوس ٿئي ته سنڌ ۾ به ڪو انصاف ۽ قانون آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو