معين علي پاران ثقلين مشتاق کي دنيا جو بهترين ڪوچ قرار

لنڊن(ويب ڊيسڪ)انگلش بيٽسمين معين علي هڪ انٽرويو دوران پاڪستان جي اڳوڻي آف اسپنر ثقلين مشتاق جي ڪوچنگ بابت پڌرو ڪري ڇڏيو.  معين علي انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان اليسٽر ڪڪ سان گڏ هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪري رهيو هو، جنهن دوران ميزبان کانئس ثقلين مشتاق جي ڪوچنگ بابت سوال ڪيو. ميزبان جي سوال جو جواب ڏيندي معين علي چيو ته ثقلين مشتاق جو ڪوچنگ جو ويزن ڏاڍو شاندار آهي ۽ ڪوچنگ جي حوالي سان سندس پنهنجو فلسفو آهي. هن چيو ته ثقلين مشتاق جو بيان ڏيڻ جو انداز ٻين ڪوچز کان بلڪل مختلف آهي ۽ مان ان انداز کي ٻين کان وڌيڪ ترجيح ڏيان ٿو. معين علي چيو ته ثقلين مشتاق جي ڪوچنگ جو پنهنجو انداز آهي ۽ منهنجي لاءِ ثقلين مشتاق دنيا جو بهترين ڪوچ آهي. ياد رهي ته ثقلين مشتاق انگلش ٽيم ۾ اسپن بالنگ ڪوچ طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ مصباح الحق جي استعيفيٰ کانپوءِ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۽ دوري ۾ گرين شرٽس سان گڏ پاڪستان جو عبوري هيڊ ڪوچ به رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو