معافي بعد سپريم ڪورٽ پاران مرتضيٰ کي هٽائڻ جو حڪم واپس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب جي معافي قبول ڪندي کيس عهدي تان هٽائڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گٽر گارڊن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران سخت لفظ استعمال ڪرڻ تي عدالت مرتضيٰ وهاب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس قاضي امين چيو ته هي رياست جون زمينون آهن توهان جي ذاتي ملڪيت ناهي، سموريون زمينون واپس ٿيڻ گهرجن. ان تي مرتضيٰ وهاب بينچ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ عدالت ۾ چيو ته ڇا اسان کي حڪومت ڇڏڻ گهرجي. کليل عدالت ۾ حڪومت خلاف ريمارڪس ڏنا پيا وڃن. جنهن تي عدالت چيو ته  توهان هتي سياست ڪري رهيا آهيو، هتان نڪري وڃو. چيف جسٽس مرتضيٰ وهاب جي ريمارڪس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته چپ صاحب توهان ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، هتي سياست نه ڪريو، توهان هتي سياست ڪري رهيا آهيو، هتان نڪري وڃو، توهان کي هاڻي فارغ ٿا ڪريون، توهان ايڊمنسٽريٽر آهيو يا سياستدان؟ ايڊمنسٽريٽر کي شهرين جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي ته جيئن هو غير جانبداري سان ڪم ڪري، ايڊمنسٽريٽر جو عهدو سياست لاءِ ناهي. چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو ته عام طور تي ايڊمنسٽريٽر پنهنجو فرض نڀائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ايڊمنسٽريٽر جو رويو سياسي اڳواڻن جيان ناهي هوندو شهرين جي خدمت لاءِ هوندو آهي. عدالت کيس چيو ته اوهين ايڊمنسٽريٽر جي عهدي لاءِ اهل ناهيو، عدالت سنڌ جي وڏي وزير کي غير جانبدار ۽ قابل شخص کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر ٿيڻ جو اهل ناهي.  بعد ۾ مرتضيٰ وهاب سخت لفظ استعمال ڪرڻ تي عدالت کان معافي گهري ورتي. مرتضيٰ وهاب عدالت کي چيو ته مان پنهنجي رويي تي معافي گهران ٿو، جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏنا ته اسان توهان کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، توهان هاڻي ايڊمنسٽريٽر نه رهيا آهيو، توهان رياست نه پر حڪومت آهيو، فرق سمجهو. اوهانجي مفادن جو ٽڪراءُ آهي. عدالت ڪارروائي ۾ ٿوري وقفي بعد ٻيهر ٻڌڻي ڪئي ۽ مرتضيٰ وهاب جي معافي قبول ڪندي کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو