مري ۾ اوورچارجنگ تي 15 هوٽل سيل، برف پکيڙيندڙ گرفتار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) مري ۾ ضلعي انتظاميا وڌيڪ ريٽ وصول ڪندڙ 15 هوٽلن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. راولپنڊي جي ضلعي حڪومت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا ۽ مري ڪنٽرول روم تي اوور چارجنگ جون شڪايتون مليون آهن. هن چيو ته هوٽلن ۾ ابوظهبي روڊ، گلڏنه روڊ، اپر جهيڪا گلي روڊ ۽ بئنڪ روڊ شامل آهن. ضلعي انتظاميا جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر (اي سي) مري هوٽلن کي سيل ڪيو. ضلعي انتظاميا پاران هوٽل سيل ڪرڻ جو فيصلو مري ۾ برفباري سبب 22 سياحن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ڪيو ويو، جڏهن ته حڪومتي قدمن تي سخت تنقيد ڪئي وئي. تيز برفباري دوران سياح ٽريفڪ ۾ ڦاسي ويا ۽ گاڏين ۾ موجود 22 سياح موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. ٻئي طرف ٻين سياحن هوٽلن ۾ مايوس ڪندڙ رويي جي شڪايت ڪئي. سياحن جو چوڻ هو ته هوٽل انتظاميا موسم جو فائدو وٺندي سياحن کان وڌيڪ رقم وصول ڪئي. راولپنڊي پوليس سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هنن مري ۾ روڊ تي برف ڦهلائي سياحن کان پئسا هڻندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس هڪ بيان ۾ چيو ته پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪو مري ۾ روڊ تي برف اڇلائي رهيو هو ۽ سياحن کان مدد جي نالي تي پئسا ورتا هئا ۽ انهن جي استعمال ڪيل جيپ پڻ ضبط ڪئي هئي. هن چيو ته سي پي او راولپنڊي ساجد ڪياني سياحن جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي جوابدارن خلاف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو