مريم ۽ خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي اپيل به رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار تي تنقيد ڪرڻ جي الزام هيٺ مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي اپيل رد ڪري ڇڏي، عدالت چيف جسٽس اطهر من الله جي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ اپيل خارج ڪري ڇڏي. سنگل بينچ جي فيصلي خلاف مقامي وڪيل پاران انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي وئي هئي، جنهن جي ٻڌڻي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهرتي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي. عدالت چيو ته درخواستگذار نه ٻڌائي سگهيا ته ڪهڙي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي، ڪنهن جي به خواهش ۽ مطالبي تي توهين عدالت جي ڪارروائي نٿي ٿي سگهي. عدالت لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو