نصير ميمڻ
سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڊگهي پارلياماني هڪ هٽيءَ کي ڏهاڪا گذري ويا آهن. ان ۾ خاص طور تي گذريل 15 ورهين جي لڳاتار حڪمرانيءَ جو مدو اهم آهي. 90ع واري ڏهاڪي جي ابتڙ هن ڀيري سنڌ ۾ پ پ پ کي اقتدار بنا ساهيءَ جي حاصل رهيو آهي، ان جي سامهون ڪا مضبوط مخالف ڌر به ناهي رهي ۽ صوبي جي مٿان ان کي انتظامي اختيار به مڪمل طور تي حاصل رهيو آهي. انهن 15 ورهين جي چڱائين ۽ ڪَسائين تي گهڻو ڪجهه لکبو ۽ ڳالهائبو رهيو آهي. انهن سمورن بحثن جو اصل نتيجو سر زمين تي نظر ايندڙ سنڌ آهي. ان جا شهر ۽ ڳوٺ ۽ اتي جو امن امان، ميرٽ، صنعتي ترقي، انفراسٽرڪچر سڀ ان ڪارڪردگي کي بيان ڪري رهيا آهن. سڀ کان اهم، ويندي ويندي حڪومت پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آدم ڳڻپ ۾ سنڌ سان ڪيل ويڌن ان جي گواهه آهي. حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جي حمايت ۽ مخالفت ٻنهي لاءِ دليل موجود آهن پر هڪ سوال ڪارڪردگي کان هٽي ڪري آهي ۽ اهو آهي سياسي ‘چوائس’ جو. سنڌ جي ماڻهن وٽ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جيان ‘چوائسز’ ڇو ناهن. بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جا قومپرست شروع کان وٺي پارلياماني سياست ۾ سرگرم رهيا، تنهنڪري صوبائي توڙي قومي اسيمبليءَ ۾ اتي جي قومي سوال تي آواز اٿندا رهيا آهن. انهن صوبن ۾ اتي جا قومپرست عوام وٽ هڪ پارلياماني آپشن رهيا آهن. ان جي ابتڙ سنڌ ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان قومپرست ۽ ترقي پسند پارٽين پاڻ کي پارلياماني سياست کان ٻاهر رکيو آهي.
گذريل ٻن ڏهاڪن کان قومپرست ڌرين پارلياماني سياست ۾ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا آهن پر ان ۾ به سنجيده حڪمت عمليءَ جي کوٽ صاف نظر اچي ٿي. مثال طور: قومپرست ڌريون مختلف وقتن تي ٻين ڌرين سان ته اتحاد ڪن ٿيون پر پاڻ ۾ هڪٻئي سان اليڪشن اتحاد نه ٿيون ڪن. جن ڌرين سان اهي اتحاد ڪن ٿيون، بدقسمتيءَ سان انهن جو سياسي رڪارڊ ۽ ساک پيپلز پارٽيءَ کان به خراب آهي. ساڳي طرح قومپرست پارٽيون عملي طور چونڊن کان ڪجهه مهينا اڳ سرگرمي شروع ڪن ٿيون. انهن جي اڳواڻن وٽ نه مستقل تڪ آهن، نه هو اتي وڃي عوام سان اٿن ويهن ٿا ۽ نه مقامي مسئلن ۾ سندن ٻانهن ٻيلي بڻجن ٿا. ٻوڏون، سامونڊي طوفان، ڌاڙيلن هٿان اغوا، پوليس هٿان کنڀجڻ، لوڊشيڊنگ، اسپتالن ۽ اسڪولن يا پيئڻ جي پاڻيءَ جي اڻ هوند وارين گهڙين ۾ انهن تڪن ۾ قومپرست پارٽين جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ اڳواڻ ئي مقامي سطح تي نظر اچن ٿا. ووٽ جي سياست ته ٻارنهن ئي مهينا لڳاتار رابطي ۽ تعلق جي تقاضا ٿي ڪري. برابر قومپرستن ڌرين جي نظرياتي سوچ ڀلي ۽ سندن بيان به دل موهيندڙ هوندا آهن پر تڪ جي سياست جون تقاضائون بنهه الڳ آهن. جيڪڏهن انهن ادارن ۾ بهتر متبادل طور جاءِ والارڻي آهي ته ان جي تقاضائن کي به پورو ڪرڻو پوندو، ان جي لاءِ هڪ مختلف حڪمت عملي گهرجي، هڪ متبادل تنظيمي ڍانچو به گهرجي ۽ مختلف سياسي تياري، رويا ۽ وسيلا به گهرجن. هڪ اڻ وڻندڙ سچائي اها آهي ته پيپلز پارٽيءَ جهڙي سگهاري پارلياماني ڌر کي للڪارڻ لاءِ جيتري خواهش آهي، اوتري سنجيدگي ۽ تياري نه ٿي نظر اچي. پارلياماني سياست مختلف ضرور آهي پر ايتري ناممڪن به ناهي، جو قومپرست پارٽيون اها نه ڪري سگهن ۽ پيپلز پارٽيءَ کي چئلينج نه ڪري سگهن پر ان لاءِ گهربل سنجيدگي ۽ حڪمت عمليءَ جي کوٽ آهي.
اليڪشني سياست ۾ نظرئي، منشور ۽ سچائي سان گڏ تڪ جي سطح تي عوام سان لڳاتار رابطي، سندن مسئلن لاءِ مقامي سطح تي متحرڪ رهڻ ۽ سندن ڏک سک ۾ گڏ رهڻ جي ضرورت هوندي آهي. اهو سڄو عمل لڳاتار برقرار رکڻو پوندو آهي. ان لاءِ چونڊ شيڊيول توڙي چونڊ نتيجن جو انتظار ناهي ڪرڻو هوندو. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي باوجود به چونڊن ۾ مخالفن کان کٽڻ جي ڪابه ضمانت ناهي هوندي، البته ان سان اڳواڻ ۽ پارٽيون هڪ متبادل ٿي اڀري سگهن ٿيون. اهڙي مضبوط متبادل جي موجودگيءَ ۾ کٽندڙ ڌر لاءِ عوام کي ڍور ڍڳي جيان هڪلڻ ممڪن ناهي رهندو. کٽندڙ اڳواڻ ۽ پارٽيءَ لاءِ ضروري ٿي پوندو آهي ته عوام جي مسئلن کي حل ڪن. علائقي جي ترقيءَ لاءِ هٿ پير هڻن. قومي سطح تي اجتماعي مفادن جي معاملي تي عوام سان بيهن ۽ عوام جي ترقيءَ لاءِ ايندڙ وسيلن کي پنهنجي اوطاقن تي بنا ڊپ ڊاءَ جي خرچ نه ڪري سگهن. متبادل پارلياماني ڌر يا ڌرين جي موجودگيءَ ۾ حڪمران ڌريون عوام لاءِ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه مجبور ٿينديون آهن. سياسي چٽاڀيٽي نه هجڻ سبب سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت تي مقامي توڙي صوبائي سطح تي ڪوبه دٻاءُ ناهي، جنهنڪري کين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي گهڻي ضرورت پيش نٿي اچي. اهو ئي سبب آهي جو سواءِ هڪ ٻن شعبن ۾ ڪجهه ڪارڪردگيءَ جي، باقي اڪثر محاذن تي سنڌ اڳي کان پٺيري نظر اچي ٿي.
قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ ته کڻي تڪ وڏا ۽ خرچ به وڏا آهن پر مقامي چونڊون ته گهٽي، پاڙي ۽ ڳوٺ سطح تي ٿيندڙ سياست آهن. اتي نسبتن گهٽ وسيلن ۽ مقامي سطح تي بهتر ساک وارن اميدوارن کي اڳيان آڻي ڪجهه نه ڪجهه نتيجا ماڻي پيا سگهجن. ڪجهه هنڌن تي قومپرست پارٽين جا ڪجهه ڪارڪن ۽ حامي ڪامياب ٿيا آهن پر ان ۾ به اڪثريت جي پنهنجي ڪوششن ۽ ساک جو دخل هو. قومپرست ڌريون ان موقعي مان گهڻو فائدو وٺي ٿي سگهيون پر هنن ان لاءِ نه ڪا تياري ڪئي ۽ نه سنجيده اڳڀرائي ڪئي. متبادل طور اڀرڻ جا اهي ئي موقعا هوندا آهن. ايندڙ عام چونڊون به ڪجهه مهينن جي وٿيءَ تي آهن پر هينئر تائين متبادل ڌرين جي ڪا سرگرمي يا تياري نظر نٿي اچي. نتيجي ۾ وري اهي ئي پراڻا مهانڊا موٽي ايندا ۽ ساڳيو ڪار وهنوار ٻيهر شروع ڪندا. اسان وري سندن پاران نازل ٿيندڙ هر مصيبت تي متبادل جي تمنا ورجائينداسين.
سنڌ ۾ وڏيرڪي/جاگيردار ٽولي کي ان ڪري ئي ڦر لٽ جو لائسنس مليل آهي، جو ان اڳيان ڪي به سنجيده سياسي مخالف موجود ناهن. ويتر کين متبادل ٿيڻ جي صلاحيت رکندڙن مان ڪن جو ساٿ به حاصل آهي. اها هنن لاءِ آئيڊيل صورتحال آهي. اسان جي قومپرست ڌرين کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هو پنهنجا ڪلها مفاد پرست جاگيردار ٽولي کي آڇي سنڌ کي ڪوبه لاڀ نه ڏياري سگهندا. اهي پاڻ ۾ هڪٻئي سان هٿ ونڊائي وري به حڪمرانن خلاف هڪ مضبوط آواز اڀاري سنڌ خلاف ٿيندڙ ڪرتوتن کي ڪجهه نه ڪجهه روڪي سگهندا. متبادل ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته سامهون واري ڌر کان بهتر ساک ٺاهجي. ان ڏس ۾ قومپرست ڌرين کي اتحادن جي معاملي ۾ محتاط رهڻ گهرجي. جيڪڏهن اليڪشني خواهش جي چڪر ۾ قومپرست ڌريون جاگيرداڻي طبقي ۽ مذهبي ڌرين سان اتحاد ڪنديون ته اهي پاڻ مضبوط متبادل ٿيڻ بجاءِ سامهون واري ڌر کي مضبوط ڪنديون.
اداري جو هن آرٽيڪل جي مواد سان متفق هجڻ ضروري ناهي
روزاني پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پڙهندڙ جي لاءِ پيش ڪجي ٿو