ماڪڙ جي تباهي، هاءِ ڪورٽ پاران حڪومت کي نوٽيس جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ ماڪڙ جي تباهي کي روڪڻ لاءِ جوڳا اپاءَ  نه وٺڻ تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 20 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بينچ اڱاري تي ڀريا جي آبادگار ۽ وڪيل مريد علي شاهه جي درخواست جي ٻڌڻي بعد نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. درخواست گذار سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ جي حملي ۽ سرڪار پاران ان بابت غير سنجيدگي جو مظاهر ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي هئي. سيد مريد علي شاهه داخل ڪيل درخواست ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سميت سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري، زراعت کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري کي ڌر بڻائيندي اهو موقف اختيار ڪيو هو ته گذريل ٻن مهينن کان ماڪڙ فصلن تي حملو ڪري تباهي  ڪري ڇڏي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ آبادگار ۽ غريب هارين کي سخت نقصان رسيو آهي. جنهن بابت ميڊيا ۾ خبرون پڻ هلايون ويون پر ان باوجود وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ان معاملي کي  سنجيده نه ورتو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ماڪڙ جي حملي سبب  ميرپورخاص، عمر ڪوٽ، ٿرپارڪر، سانگهڙ، نواب شاهه، نوشهرو فيروز، خيرپور ميرس ۽ مٽياري ضلعن جي فصلن کي سخت متاثر ڪيو آهي جنهنڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ماڪڙ جي خاتمي لاءِ فوري ڪارروائي ڪرڻ، ماڪڙ جي حملي سبب متاثر ٿيل فصلن جي سروي لاءِ خاص ٽيم جوڙڻ ۽ متاثر آبادگارن توڙي هارين کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کي اها پڻ گذارش ڪئي وئي آهي ته سنڌ ۾ ابتدائي مرحلي دوران ئي ماڪڙ کي نه روڪڻ جي ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو