ماکيءَ جي مکين جي سراسري عمر اڌ ٿي وئي آهي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ماکيءَ جي مکين جي سراسري عمر ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿي رهي آهي. گذريل 5 ڏهاڪن يعني 50 سالن دوران سندن سراسري عمر ۾ 50 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي، نيو سائنٽسٽ رپورٽس نالي جرنل ۾ رپورٽ ٿيل هڪ اسٽڊي مطابق جڏهن ماکيءَ جي ماناري ۾ مکيون گهٽ هونديون ته سياري ۾ ان جي زنده رهڻ جو امڪان گهٽ هوندو آهي. انهي سبب لاءِ تجارتي مکيون پالڻ وارا هاڻي عام طور تي هر سال 30٪ کان 40٪ پنهنجي ڪالونين کي وڃائيندا ٿا وڃن. مطالعي مطابق، مختصر زندگي جي مدت جو اهم سبب ٿي سگهي ٿي. مطالعي لاء، محقق هڪ ڪالوني مان مکين سوڌو مانارو کڻي انهن کي هڪ انڪيوبيٽر ۾ پاليو، ۽ پوء بالغ مکين کي مخصوص پڃري ۾ رکيو. جتان اهو ثابت ٿيو ته مکيون سراسري طور 18 ڏينهن جيئرو رهيون. اڳ ۾ 1970 دوران ٿيل تحقيق مطابق ماکي جي مکين جي سراري عمر 34 ڏينهن رڪارڊ ڪئي وئي هئي. گهٽ زندگي جو مطلب آهي گهٽ وقت ۾ پولن ۽ نيڪٽر گڏ ڪرڻ ، گهٽ ماکي جا ذخير مکين کي ايندڙ بهار تائين زندهه رهڻ ۾ مدد ڏين ٿا. محققن جو اندازو آهي ته هٿرادو طور ماکي جون مکيون پاليندڙن شايد ممڪنه طور تي امڪاني زندگي جي مدت کي مختصر ڪري ڇڏيو هجي، ڇو ته مکيون ٿوري دير زندهه رهڻ سبب بيماري پکيڙڻ ۾ گهٽ ڪردار ادا ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو