ذاتي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد سوچان ٿي مري وڃان، رابي پيرزاده

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا، ماڊل ۽ گلوڪاره رابي پيرزاده چيو آهي ته هوءَ ذاتي تصويرون ۽ ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد بي حد پريشان آهي ۽ هاڻي کيس احساس ٿي رهيو آهي ته ريپ جو شڪار ڇوڪريون خودڪشي ڇو ڪنديون آهن. انڊپيندنٽ اردو سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته هوءَ مرڻ چاهي ٿي ڇو ته هي معاشرو کيس ماري ڇڏيندو. انڊپينڊنٽ اردو هڪ خبر ۾ چيو آهي ته رابي پيرزاده جي معاملي تي ٽوئٽ ڪندڙ ڪجهه صارف سندس قابل اعتراض ويڊيو رليز کي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر تي تنقيد سان جوڙي رهيا آهن. فلم ڪاف ڪنگنا جي حوالي سان هن تنقيدي ٽوئيٽ ڪئي هئي. هڪ سندس مداح چيو آهي ته جيڪو هن دنيا ۾ ڪنهن جي پرده پوشي ڪندو خدا آخرت ۾ ان کي اجر ڏيندو. تازو سندس اهڙيون قابل اعتراض ۽ اگهاڙيون تصويرون ۽ ويڊيو وائرل ٿي آهي جنهن سبب هو ٽوئٽر جي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي وئي. ان باري ۾ هن عرب نيوز کي انٽرويو ڏيندي چيو ته قابل اعتراض ويڊيو جي جاچ لاءِ هن ايف آٰءِ اي جي سائبر ڪرائيم ۾ درخواست ڏئي ڇڏي آهي.

تيزگام حادثي بعد هن شيخ رشيد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو

هن جي ڪجهه مداحن اهڙيون ٽوئيٽس به ڪيون ته ويڊيو جعلي آهي ان ۾ رابي پيرزاده ناهي پر ڪنهن ڀارتي کيس بدنام ڪرڻ لاءِ اها ويڊيو ايڊٽ ڪري جاري ڪئي آهي ڇو ته رابي ڪشميري آهي ۽ ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن بابت آواز اٿاريندي رهندي آهي. پاڪيزه خان نالي اڪائونٽ تان اها به ٽوئيٽ ڪئي وئي ته سندس اڳوڻي سنگتي سندس اها ويڊيو جاري ڪئي آهي جيئن هو کائنس بدلو وٺي سگهي. رابي پيرزاده جو پنهنجو چوڻ آهي ته سندس وائرل ٿيل تصويرون ۽ ويڊيو ذاتي آهن جيڪي سندس فون ۾ هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو