بابر جي گهڻي عزت ڪريان ٿو، مٿس دٻاءُ گهٽائڻ چاهيان ٿو: آفريدي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي بابر اعظم کي ڪپتاني جي تجويز ڏني آهي.هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ شاهد آفريدي کان بابر اعظم کان پي ايس ايل فرنچائز ڪراچي ڪنگز کي ڇڏي پشاور زلمي ۾ شامل ٿيڻ بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي هن تفصيلي جواب ڏنو. شاهد آفريدي چيو ته بابر کي ڪراچي ڪنگز سان ڪجهه مسئلا هئا ۽ شايد هو ان ٽيم ۾ خوش نه هو، منهنجو خيال آهي ته بابر کي پنهنجي ڪپتاني بابت فيصلو ڪرڻ جي ضرورت آهي.اڳوڻي ڪپتان چيو ته منهنجو خيال آهي ته بابر کي پنهنجي بيٽنگ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي، ٽيسٽ ۽ ون ڊي ۾ ٽيم جي قيادت ڪرڻ گهرجي ۽ ٽي 20 جي ذميواري ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته مان بابر اعظم لاءِ تمام گهڻو احترام ڪريان ٿو، هڪ ڪرڪيٽر جي حيثيت سان مان کيس تمام گهڻو پسند ڪريان ٿو ۽ چاهيان ٿو ته مٿس گهٽ دٻاءُ هجي، توهان وٽ ٽيم ۾ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ٽي 20 جي بهترين ڪپتاني ڪري سگهن ٿا، واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ايندڙ سيزن ۾ بابر اعظم پشاور زلمي لاءِ کيڏندو جڏهن ته شعيب ملڪ ڪراچي ڪنگز طرفان کيڏندو.

پهنجو تبصرو موڪليو