ماحول دوست توانائي جا منصوبا لڳائڻ چاهيون ٿا،امتياز شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) توانائي جي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته سنڌ سرڪار سج جي روشني ۽ هوا مان بجلي ٺاهڻ جي رٿائن کي خاص ترجيح ڏئي رهي آهي ته جيئن ماحول دوست توانائي حاصل ڪري ماحوليات کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ هوا مان بجلي ٺاهڻ واري ڪمپني يونائٽيڊ انرجي آف پاڪستان ٺٽي ۽ ڄامشوري وارن علائقي ۾ هوا مان بجلي ٺاهڻ وارين ڪمپنين جي تنظيم، ونڊ انرجي ايسو سي ايشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ خرم شهزاد، عباس مرزا ۽ ٻيا شامل هُئا. اُن موقعي تي صوبائي وزير وفد سان ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي سي ايس آر جي اصولن تحت پروجيڪٽ ايريا جي مقامي رهواسين جي لاءِ ڀلائي واريون سرگرميون، روزگار جي فراهمي، پيئڻ جي صاف پاڻي، گندي پاڻي جي نيڪال، اسپتال، اسڪول، راندين جي ميدانن ۽ پارڪن  جي فراهمي لاءِ ذميواري پوري ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ڪمپنيون سي ايس آر تحت ڪيل ڪمن جي تفيصلن بات تحريري طور تي سنڌ سرڪار کي آگاهي ڏين ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ مقامي ماڻهن، جن کي روزگار ڏنو ويو آهي، اُنهن جي فهرست به مهيا ڪن. توانائي واري وزير ان سلسلي ۾ ايندڙ هفتي ٺٽي ۽ جهمپير جي علائقن مان بجلي ٺاهڻ وارين ڪمپنين جو اجلاس ڪوٺائڻ لاءِ به هدايتون ڏنيون ته جيئن لاڳاپيل سمورين ڪمپنين جي سي ايس آر جي حوالي سان ڪيل ڪم بابت آگاهي وٺي سگهجي ۽ ڪمپنين کي درپيش مسئلن ۽ اُنهن جي حل لاءِ به گڏيل قدم کڻي سگهجن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو