لگزري آئٽمز تي 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل ڪندي هڪ ٻي شرط پوري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ڪابينا لگزري آئٽمز تي سيلز ٽيڪس وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وفاقي ڪابينا کان 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي نوٽيفڪيشن جي سرڪيولر تان سمري جي منظوري ورتي وئي، جنهن کانپوءِ ايف بي آر نوٽيفڪيشن جاري ڪندو ۽ نئين شرح پهرين مارچ کان لاڳو ٿيندي.لگزري آئٽمز تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ سان ايف بي آر کي 4 مهينن ۾ 15 ارب رپيا آمدني ٿيندي.ذريعن موجب درآمدي ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل 1400 سي سي گاڏين تي سيلز ٽيڪس کي به 25 سيڪڙو ڪيو ويندو، درآمدي اليڪٽرانڪ شين ۽ امپورٽ ميڪ اپ شين تي سيلز ٽيڪس وڌائي 25 سيڪڙو ڪيو ويندو.ان کان علاوه امپورٽ پالتو جانورن جي کاڌي، امپورٽ ٿيل بوٽن، امپورٽ ليڊيز پرس، شيمپو، صابن، لوشن، امپورٽ هيڊ فونز، آئي پوڊ، اي اسپيڪرز، دروازن ۽ ونڊوز تي به سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو هوندو.سمري موجب امپورٽڊ لگزري يونسلز، باٿ فٽنگس، امپورٽڊ ٽائلس، سينيٽري ويئر، فانوس ۽ فينسي لائيٽس تي به سيلز ٽيڪس 25 هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو