ليڊي ڊاڪٽر سميت ٻن عورتن سان زيادتي جو ڪيس داخل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي فريئر پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ليڊي ڊاڪٽر سان مبينا زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ليڊي ڊاڪٽر سان زيادتي ڪرڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪري هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ آر موجب عورت کي 14 نومبر تي سندس دوست ياسر کڻي پنهنجي فليٽ ۾ وٺي ويو ۽ زيادتي ڪئي، مزاحمت تي عورت کي هٿ ۽ جسم تي زخم پڻ آيا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ليڊي ڊاڪٽر جي طبي معائني کانپوءِ صورتحال واضح ٿيندي، ٻئي طرف بن قاسم ٽائون ۾ به پوليس عورت سان زيادتي جي الزام هيٺ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو