ليونل ميسي جي ملڪيت ڪيتري آهي؟ پڙهو تفصيل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ليونل ميسي دنيا جي امير ترين رانديگرن مان هڪ آهي جنهن ورلڊ ڪپ کٽڻ جو خواب پورو ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي ميگزين فوربز موجب گذريل سال ليونل ميسي آن فيلڊ (فٽبال ميچز وغيره) مان ساڍا ست ڪروڙ ڊالر ڪمايا. پيرس سينٽ جرمن ڪلب ۾ کيڏڻ لاءِ هن جيڪو معاهدو ڪيو آهي ان مطابق کيس ساليانو ساڍا ٽي ڪروڙ ملندا. جنهن جو مطلب آهي ته هو هر مهيني ست لک 38 هزار ڊالر، روزانو هڪ لک پنج هزار ڊالر ۽ في ڪلاڪ 8790 ڊالر ڪمائي ٿو. ارجنٽائن اسٽار ڪلب جوائن ڪرڻ لاءِ رڳو جوائننگ فيس طور گذريل اونهاري ۾ اڍاائي ڪروڙ ڊالر ورتا هئا. ليونل ميسي رڳو فٽبال جي ميدان ۾ ئي نٿو ڪمائي پر گذريل سال اشتهارن ۽ ٻين ذريعن مان 5 ڪروڙ ڊالر ڪمائڻ ۾ ڪامياب ويو.

Photo Messi Instagram

سيليبرٽي نيٽ ورٿ جي مطابق، ليونل ميسي هن وقت 60 ڪروڙ ڊالر آهي. فوربس موجب ليونل ميسي پنهنجي ڪيريئر دوران هڪ ارب 15 ڪروڙ ڊالر ڪمائي چڪو آهي. هن وقت راندين جي دنيا ۾ صرف 3 سرگرم رانديگر ميسي کان وڌيڪ ملڪيت جا مالڪ آهن، جن ۾ ليبرون جيمس، ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ٽائيگر ووڊز شامل آهن. ليونل ميسي لگزري ڪارن کي گهڻو پسند ڪندو آهي ۽ هن جي ڪليڪشن ۾ ڪيتريون ئي شاندار ڪارون آهن. هڪ افواه جي مطابق، ليونل ميسي 2016 ۾ تاريخ جي سڀ کان مهانگي فراري 335 اسپورٽ اسپائڊر 1957 ۾ 3 ڪروڙ 70 لک ڊالرن ۾ خريد ڪئي. ان سان گڏ، هڪ انسٽاگرام پوسٽ ۾، هن ماڊل جي هڪ رانديڪي واري ڪار ڏيکاري ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ‘منهنجي نئين ڪار’.
Photo Messi Instagram

ليونل ميسي جي سڀ کان مهانگي ملڪيت بارسلونا ۾ آهي جنهن جي ماليت 70 لک ڊالر آهي. سندس هڪ گهر، نو-فلائي زون ۾ واقع آهي جنهن ۾ انڊور جم، ٿيٽر، سوئمنگ پول ۽ ٻيون سهولتون آهن. ان کان علاوه هو ارجنٽائن ۽ آمريڪا ۾ به ملڪيتن جو مالڪ آهي. 2017 ۾، ليونل ميسي هوٽل جي زنجير MiM هوٽلن کي خريد ڪيو، جنهن ۾ اسپين جي مختلف علائقن ۾ رزورٽ آهن.
Photo Messi Instagram

هن وٽ سندس شرٽ واري نمبر 10 جي رجسٽريشن وارو ذاتي جهاز به آهي. 2004 گلف اسٽريم V پرائيويٽ جيٽ ۾ 16 مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. جهاز جي ڏاڪڻ تي ميسي، سندس زال ۽ ٽن ٻارن جا نالا لکيل آهن.


Lionel Messi فائونڊيشن 2007 ۾ قائم ڪئي وئي يونيسيف سان شراڪت ۾ سڄي دنيا جي ٻارن جي مدد ڪرڻ لاء. 2017 ۾، ليونل ميسي پنهنجي دولت فائونڊيشن کي عطيو ڪيو ته جيئن شام ۾ 1,600 يتيم ٻارن لاءِ ڪلاس روم تعمير ڪيا وڃن. 2019 ۾، هن جي فائونڊيشن ڪينيا جي شهرين کي کاڌو ۽ پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ 218,000 ڊالر ڏنا. فائونڊيشن جي ويب سائيٽ تي ليونل ميسي جو هڪ بيان موجود آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ”ٻار جي چهري تي مسڪراهٽ آڻڻ ۾ مون کي خوشي ٿيندي آهي، ان ڪري مون ليو ميسي فائونڊيشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

Photo Messi Instagram

مان ٻارن کي خوش رکڻ چاهيان ٿو، ان لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندس. ياد رهي ته ميسي جي والده غربت سبب جڏهن ميسي سندس پيٽ ۾ هو ته اهو ٻار ڪيرائڻ لاءِ ڊاڪٽرن وٽ وئي هئي پر ڊاڪٽرن پاران کيس جواب مليو ۽ هن مجبوري وچان اهو ٻار پيدا ڪيو.قدرت جو ڪمال ته ڏسو اهو ٻار اڄ دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ مشهور ۽ مقبول آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو