لطيف يونيورسٽي شاگردياڻي اغوا معاملو، جوابدار گرفتار

خيرپور (ن سنڌيار) لطيف يونيورسٽي خيرپور جِي شاگردياڻي جِي مبينا اغوا جِي ڪوشش واري ڪيس جي گهربل جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. شاگرد صفدر وساڻ پنهنجي هٿياربند ساٿين جي مدد سان خوشبو ڀٽي کي پوائنٽ مان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن تي خوشبو ۽ سانس ساثي شاگرد مزاحمت ڪئي هندي احتجاج ڪيو هو. ڪيس داخل ڪرايو ويو پر پوليس لنوائيندي رهي. ان دوران صفدر جي والد ميڙ منٿ قافلو وٺي شاگردياڻي جي والدين کان معافي ورتي هئي. هن واقعي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نوٽيس ورتو هو جنهن بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو