لطيف شناسائي جي هفتي ملهائڻ جون تقريبون

ٽنڊو محمد خان (مظفرعلي بروهي) تعليم کاتي پاران لطيف شناسائي جي هفتي جي نسبت سان گورنمينٽ بوائز هاء اسڪول ٽنڊو محمد خان ۾ لطيفي فڪر جي ڦهلاء جي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت ان جي ضلعي رابطه سيڪريٽري اعظم ڀٽي, ساس شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري آغا جان آغا, شاهه لطيف جي شاعري جي پارکو رفيق آس لغاري تي مشتمل هڪ وفد اسڪول انتظاميه جي دعوت تي اسڪولي ٻارڙن پاران تقريري مقابلي, ڪوئيز ڪامپيٽيشن, وائي ڳائڻ, ڪيليگرافي ۽ پينٽنگ جي تيارين جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل هڪ سادي تقريب ۾ شرڪت ڪري, لطيف شناسائي جي هفتي ملهائڻ بابت مختلف لطيفي سرگرمين جي لحاظ کان اسڪولي ٻارڙن جي تيارين جو جائزو ورتو ۽ اسڪول سطح تي سندن رهنمائي ۽ اصلاح جا فرائض سرانجام ڏنا, ان واقعي تي اسڪول جي استادن غلام محمد ڇلگري, وقار احمد سومرو, افضل ميمڻ, نوشاد ڀٽي ۽ ٻين سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي وفد جي آجيان ۽ شڪريه ادائي جا فرائض سرانجام ڏنو. ان موقعي تي اسڪول انتظاميه پاران سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي وفد کي مۡکي عبدالعزيز خواجه ميموريل گورنمينٽ بوائز هاء اسڪول لائبرري جو پڻ معائنو ڪرايو ويو. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جي وفد جي اسڪول جي هيڊ ماستر محمد اشرف ڀرڳڙي سان پڻ خوشگوار ماحول ۾ تعليمي مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو