لبيا جي صدارتي چونڊ لاءِ سيف قذافي نا اهل قرار

طرابلس(ويب ڊيسڪ)ليبيا جي اليڪشن ڪميشن اڳوڻي حڪمران معمر قذافي جي پٽ سيف الاسلام سيف کي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان نااهل قرار ڏيندي هڪ ابتدائي حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عرب ميڊيا موجب سيف الاسلام قذافي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اهل ناهي، ان ڪري سندس نالو صدارتي اميدوارن جي لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته طرابلس ۾ هڪ فوجي پراسيڪيوٽر اليڪشن ڪميشن تي زور ڀريو هو ته سيف الاسلام سيف کي صدارتي چونڊ تان هٽايو وڃي ڇو ته هڪ عدالت کيس 2015 ۾ جنگي ڏوهن جي سزا ٻڌائي هئي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته صدارت لاءِ 98 اميدوار ميدان ۾ هئا، اليڪشن ڪميشن شروعاتي طور 25 نالن کي هٽائي ڇڏيو. عرب ميڊيا موجب ليبيا ۾ صدارتي چونڊون 24 ڊسمبر تي ٿينديون، اميدوارن ۾ 2 عورتون به شامل آهن. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سيف الاسلام قذافي صدارتي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو