لاڙ جو مشهور سگهڙ اسپتال ۾ دربدر، ثقافت کاتو نوٽيس وٺي

ٽنڊوباگو ( رپورٽ سھيل سمون)لاڙ پٽ جو سگھڙ شاھ عبدالطيف ڀٽائي جو پارکو فقير بچل احمداڻي ڪينسر سبب جناح اسپتال داخل آهي پر وارثن جو چوڻ آهي ته انتظاميا جي عدم دلچسپي سبب علاج ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگھي آهي ۽ مھانگيون ٽيسٽون، دوائون پرائيوٽ اسپتالن جون لکيون وڃن ٿيون ان حوالي سان سندس ڀائٽي نوجوان شاعر فياض احمداڻي ء سندس پٽ افضل احمداڻي ٻڌايو ته جناح ۾ داخل فقير بچل جي ڪوبه سار لھڻ لاء تيار نه آهي  غربت سبب علاج ناممڪن ٿي ويو آهي  ايترا وسائل ناھن جو ڳري فيس واريون ٽيسٽون ڪرائي سگھون ھن سنڌ جي شعور کي اپيل ڪئي آهي ته ھو ھن عظيم ڏاھي سگھڙ جي علاج جي حوالي سان مدد ڪن. ٻئي پاسي ٽنڊوباگو پريس ڪلب جي صدر ۽ ليکڪ نصرالله جروار پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته محمد بچل احمداڻي جنھن جي  سڄي زندگي  ڪچھرين ۾ جھنگن، برن ۽ ڳوٺن  ۾ علم جو وکر ورھائيندي گذري ۽ هن جون علمي ۽ ثقافتي محنتون آھن سنڌ حڪومت توڙي ان سان لاڳاپيل ثقافت کاتي کي محمد بچل احمداڻي جو سرڪاري سطح تي ھنگامي بنيادن تي علاج ڪرائڻ جي لاء اپاءَ وٺڻ گھرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو