لاهور تي سلو اوور سبب ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جو پنجون ايڊيشن جاري آهي ۽ هن مهل تائين ٽوٽل 34 ميچز مان 7 ميچ ٿي چڪا آهن.لاهور قلندر جي ٽيم جنهن تي سڀني ٽيمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خرچ ڪيو ويو آهي هن مهل تائين هڪ به ميچ کٽي ناهي سگهي. جيڪو سندن لاءِ افسوس جوڳو عمل آهي. هڪ پاسي هو ميچ نه کٽڻ سبب پريشان آهن ته ٻئي پاسي لاهور ۾ اسلام آباد سان کيڏيل ميچ ۾ آهستي بالنگ يعني سلو اوورز ڪرائڻ سبب سڄي ٽيم تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو برابر ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ فائنل اليون جي رانديگرن تي ڏنڊ وڌو آهي. هنن مقرر وقت ۾ 2 اوور گهٽ ڪرايا آهن. بظاهر ان جو سبب اوور ٿرو، نو بال ۽ وائيڊ بال گهڻا ڪرائڻ ۽ بالرز جي مشوري سبب وقت گهڻو لڳو. جيڪڏهن ٻئي ميچ ۾ هنن سلو اوور ڪرايا ته مٿن 20 سيڪڙو ڏنڊ وڌو ويندو. لاهور جي ذري گهٽ کٽيل ميچ اسلام آباد وارا هڪ وڪيٽ تان کانئن کٽي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو