لانگ مارچ ۽ پ پ پ جي حڪومت مخالف حڪمت عملي

ليکڪ  عبدالمجيد بروھي 

ھي ملڪ ۽ ھن ملڪ جو عوام ھاڻي ھن وفاقي حڪومت مان مڪمل بيزار بڻيل آھن ھي ملڪ جي ڪنھن بـ اداري کي پراڻي  پاڪستان جيان پنھنجي پيرن تي بيٺل ناھي ڇڏيو ھر اداري کي تباھ ڪيو ويو آھي نئين پاڪستان ۾ ملازم پڻ مشڪلاتن جو شڪار آھن سرڪاري ملازم  پنھنجي ٻچڙن جي پيٽ پالڻ لاء پريشان آھن ان کان علاوا مزدور طبقو تباھي ڪناري تي پھتل آھي ھن ملڪ جي ھارين ۽ آبادگارن سان ظلم جاري آھي ھارين آبادگارن کي ھي ناااھل ھاري دشمن حڪمران سواء سورن کان ڪجھ ناھن ڏئي سگھيا ھارين آبادگارن کي ھڪ تـ سندن فصل جو مناسب اگھ ڏيارڻ ۾ ھي حڪمران ناڪام بڻجي ويا آھن مٿان وري زرعي دوائون ۽ يوريا ڀاڻ ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جا اگھ ايڏو تـ چوٽ چاڙھيا ويا آھن جو ھارين جا حوش خطا ٿي ويل آھن ھر طرف مھنگائي جو طوفان آيل آھن اھڙي وقت تي پ پ پ پاران ھن عوام دشمن حڪمرانن خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪري پاڪستان جي عوام جي دلين کي کٽي ورتو آھي

ھن وقت سخت ترين سردي جي موسم ۾ اسلام آباد جي موسم سميت پوري پاڪستان جي سياسي موسم کي بلاول ڀٽو پاران سخت گرم ڪيو ويو آھي  پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران آخرڪار پوري پاڪستان جي عوام جي آواز کي پاڪستان جي عوام جي درخواست تي عمل ڪندي پي ڊي ايم کان اڳ ۾ ھن ملڪ دشمن نيازي حڪومت خلاف دمادم مست قلندر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي پ پ پ پاران جيالن جي جوش سان 27 ڊسمبر کان مزار قائد ڪراچي کان اسلام آباد تائين نيازي حڪومت کان ھن ملڪ جي عوام کي نجات ڏيارڻ جي لاء لانگ مارچ ڪرڻ جو  اعلان ڪيو ويو آھي جنھن اعلان حڪومتي  ايوانن ۾ ھلچل مچائي ڇڏيو آھي حڪومتي وزير ان اعلان بعد بوکلائجي ويا آھن ڇو تـ کين ڄاڻ آھي تـ ھب ملڪ جي  اھا واحد پارٽي پ پ پ آھي جنھن وٽ پوري پاڪستان اندر جوشيلا جانثار ڪندڙ جيالا موجود آھن ان کان علاوا ڪراچي کان ڪشمير گلگت بلتستان تائين پ پ پ وٽ صرف پ پ پ وٽ اسٽريٽ پاور آھي ڪراچي کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ جو ساٿ ڪا بـ سياسي ٻئي پارٽي ڀلي نـ ڏي ھن ملڪ جي عوام کي مھنگائي جي ناسور بجلي جي لوڊشيڊنگ جي آزار گئس جي بندش ڪندڙ ظالم حڪمرانن کان ھاڻي ھن غريب عوام کي نجات ڏيارڻ جي لاء جيالا سر سان ڪفب ٻڌي نڪرندا ۽ نيازي کي گھر موڪلي پوء واپس ورندا بلاول ڀٽو جي اعلان بعد جيالا جوش ۾ اچي لانگ مارچ جي تيارين ۾ لڳي چڪا  آھن 

پ پ پ بعد ن ليگ وارا پڻ نيازي حڪومت خلاف ميدان تي نڪري رھيا آھن مريم نواز پاران نيازي کان فورن استعيفا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي ڪجھ ڏينھن جي اندر پي ڊي ايم پارا ن پڻ لانگ مارچ جي حوالي سان اھم اعلان ڪرڻ وارا آھن ھوڏانھن جماعت اسلامي پاران پڻ نيازي حڪومت کان ڇوٽڪاري لاء احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي حڪومتي وزيرن جي بوکلاھٽ مان پڻ  لڳي رھيو آھي تـ  سندن جي صفن ۾ دراڙ پئجي چڪا آھن سندن وقت پورو ٿي چڪو آھي  سياسي پنڊت ايندڙ ٻن مھينن کي نھايت اھم قرار ڏين پيا 

قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پ پ پ جي لانگ مارچ جي حمايت ۾ نه گ جي خواجا آصف جو اھو بيان پڻ اھميت جوڳو آھي تـ 27 ڊسمبر تي نيازي حڪومت خلاف ٿيندڙ لانگ مارچ ۾ سڀ اپوزيشن پارٽيون گڏ ٿي نڪرن تـ بھتر ھوندو ان ڏس ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري پاران اپوزيشن اڳواڻن سان رابطا تيز ڪيا ويا آھن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران مسلم ليگ ن جي صدر شھباز شريف سان ملاقات ڪري کيس سڄي صورتحال بابت بريف ڪندي لانگ ماتچ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا ان کان علاوا سياست جي شھنشاھ آصف علي زرداري پاران پڻ مسلم ليگ ن  جي سربراھ ميان محمد نوزا شريف سان رابطو ڪري کيس ان ھائوس تبيديلي تي راضي ڪري ورتو آھي جڏنھن ڪجھ ڏينھن اڳ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري پاران پي ڊي ايم جي صدر سربراھ جي يو آء ف مولانافضل رحمان سان ملاقات ڪري چڪو آھي جيڪو پڻ لانگ مارچ کان اڳ استعيفا جي ڳالھ تان ھٿ کڻي ويو آھي ھن وقت پوري پاڪستان جي عوام جون نظرون اپوزيشن جي اڳواڻن ڏانھن آھن سڀ ھن نااھل حڪمرانن خلاف روڊن تي نڪرڻ لاء تيار آھن ان جي لاء تمام ضروري آھي تـ پ پ پ پاران اعلانيل لانگ مارچ کي پي ڊي ايم پاران پنھنجي پليٽ فارم تان شروع ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪري لانگ مارچ سميت اسلام آباد ۾ نيازي حڪومت جي خاتمي تائين پرامن ڌرڻي جو اعلان پڻ ڪيو وڃي ھاڻي ھنن کي وڌيڪ وقت ڏيڻ ملڪ ۽ ملڪ جي عوام سان ڌوڪو ھوندو اپوزيشن اتحاد کي متحد ٿي ڪري لانگ مارچ ۽ ڌرڻو ھڻڻ گھرجي جنھن جيالن جي جوش متوالن جي ايڪي ۽ مولوي حضرات جي ڏنڊي جو ملڻ تمام ضروري آھي سڀ ھڪ آواز بڻجي گونيازي جا نعرا بلند نيازي حڪومت خلاف دمادم مست قلندر شروع ڪرڻ گھرجي 

پهنجو تبصرو موڪليو