لالچي ماڻهو چندا ڪري بدنام پيا ڪن، پئسا نه انصاف کپي، شيرين

ملير(ن سنڌيار) شهيد ناظم جوکيو جي بيواهه شيرين جوکيو چيو آهي ته لالچي ماڻهو منهنجي نالي تي جعلي آءِ ڊيز ۽ اڪائونٽ ٺاهي چندا ڪري مون کي بدنام ڪري رهيا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هوءَ ماڻهن پاران فون ڪالز ڪري تنگ ڪرڻ جو ذڪر ڪنديلڙڪ لاڙي ويٺي. شيرين جوکيو چيو ته مان صدمي واري حالت ۾ هيس ۽ ان وقت غلطي سان هڪ وڊيو ريڪارڊ ڪرايو، مون کي خبر نه هئي ته ڇا پئي چوان، ان کانپوءِ ڪجهه ماڻهو منهنجي نالي تي مختلف اڪائونٽس ۽ آءِ ڊيز ٺاهي پئسا ڪمائي رهيا آهن. اهو تاثر ڏيڻ ته مون پنڻ شروع ڪيو آهي، مونکي مخالف بدنام پيا ڪرين. هن روئيندي چيو ته مان هٿ ٻڌي سڀني کي چوان ٿي ته مان وڏي تڪليف ۾ آهيان ۽ مون کي وڌيڪ پريشان نه ڪيو. مون کي فون ڪالز ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي ۽ نه وري مون کي پئسا گهرجن ٿا. مون کي رڳو انصاف کپي. مان پورهيو ڪري پنهنجي ٻچڻن جو پيٽ پالينديس پر ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگينديس. منهنجو ڏير افضل جوکيو، مائٽ ۽ سموري سنڌ مون سان گڏ آهي، مون سان انصاف تائين گڏ رهو اهو ڪافي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو