لارنس بشنوئي سلمان خان کي هڪ ٻي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڳائڻي سچو موسيوالا جي قتل جي سازش ۾ گرفتار لارنس بشنوئي بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي جيل مان هڪ ٻي ڌمڪي ڏني آهي.ڀارتي ميڊيا موجب لارنس بشنوئي مبينا طور تي ڌمڪيون ڏيندي چيو آهي ته ڪاري هرڻ مارڻ واري معاملي تي سندس برادري سلمان خان کان ناراض آهي ڇو ته هن اسان کي شرمسار ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾ بشنوئي چيو ته سلمان خان تي ڪاري هرڻ مارڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو پر هن معافي نه گهري، جيڪڏهن هن به معافي نه گهري ته نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهن.ڀارتي ميڊيا موجب لارنس بشنوئي سلمان تي زور ڀريو ته هو پنهنجي مذهبي گرو جمبيشور (جمبيجي) جي مندر ۾ وڃي معافي گهري، جيڪڏهن اسان جي برادري کيس معاف ڪري ٿي ته مان کيس ڪجهه نه چوندس.

پهنجو تبصرو موڪليو