قومپرستن پاران نوشين جي ڦاهي واري معاملي جي تفصيلي جاچ جو مطالبو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ ترقري پسند پارٽي، سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن پاران جاري ڪيل ڌار ڌار بيانن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽر نوشين جي ڦاهو کائي خود ڪشي ڪرڻ واري معاملي جي تفصيلي جاچ ڪرائي وڃي جيئن اصل حقيقت سامهون اچي سگهي، نمرتا ڪماري بعد هي واقعو ٿيڻ سبب شاگردياڻين ۽ ۽ سندن والدين ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي. سنڌ حڪومت اڳ ۾ لاپرواهي نه ڪري ها ته هي واقعو پيش نه اچي ها.

***سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي، گلزار سومرو ، ڄام عبدالفتاح سيمجو ۽ ٻين چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ چوٿين سال جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي موت تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو تہ ھن کان اڳ نمرتا ڪماري جو واقعو ساڳي ڪاليج ۾ پيش آيو جنھن تي سنڌ حڪومت ۽ ڪاليج انتظاميہ غفلت جو مظاھرو ڪيو صحيح طرح سان جانچ نه ٿي . جيڪڏھن ان واقعي جي صحيح طرح سان جانچ ٿئي ھا ته شايد اڄ وري نوشين ڪاظمي وارو واقعو پيش نه اچي ھا. ھنن چيو ته نوشين ڪاظمي به نمرتا ڪماري وانگر ھڪ پڙھيل لکيل نياڻي ھئي اھا ڪئين ٿي خودڪشي ڪري سگھي ۽ جنھن طرح ان جو پکي ۾ لاش مليو آھي ان تي ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا ھنن مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته ڊاڪٽرنوشين ڪاظمي جي موت جي سنڌ حڪومت ۽ ڪاليج انتظاميه جانچ ڪرائي سندس پورسٽ مارٽم سان فارنزنڪ چڪاس  ساک رکندڙ ادارن کان ڪرائي وڃي . جئين سموري حقيقتون سامھون اچي سگھن، ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اندر ھڪ طرف نياڻين جي تعليم جو اڳ ۾ رجحان گھٽ آھي ٻي طرف ھن قسم جا واقعا نياڻين جي تعليم ۾ ديوار بنجي سگھجن ٿا تنھن ڪري انھن واقعن جي گھڻ رخي جانچ ڪري حقيقتن کي سامھون آندو وڃي ۽ اھڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ اپاءُ ورتا وڃن.

***سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، زرقا هاليپوٽو، عمرا سمون، حسنا راهوجو، افشين ميمڻ ۽ شمشاد لغاري لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي گرلز هاسٽل مان آخري سال جي شاگردياڻي سيده نوشين جو لاش هٿ اچڻ تي انتهائي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قبائلي نظام نياڻين جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، افسوس آهي ته اعلى تعليمي ادارا به شاگردياڻين جي زندگين کي تحفظ فراهم نٿا ڪري سگهن. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن ملڪ جي اعلى عدالت سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته چانڊڪا ڪاليج جي شاگردياڻي سيده نوشين جي لڳ ڪانڊاريندڙ واقعي جو پاڻمرادو نوٽس وٺي، اعلى سطح جي عدالتي انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي نياڻين کي جاني تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

***قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي آخري سال جي انتهائي ذھين شاگردياڻي سيد نوشين ڪاضمي جو هاسٽل مان لاش ملڻ واري واقعي تي انتھائي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي واقعي کي وڏو الميو قرار ڏنو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ جتي اسان جون نياڻيون پڙھي ڊگريون حاصل ڪرڻ وڃن ٿيون، اتان انھن جا لاش ملڻ المناڪ صورتحال آھي. جيڪڏھن نائلا رند ۽ نمرتا ڪماري جي واقعن کان پوء ھاسٽلن کي ھر حوالي سان محفوظ بنايو وڃي ھا تہ اڄ ٻيھر چانڊڪا مان اسان جي ھڪ لائق نياڻي جو لاش نه اچي ھا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ نوشين ڪاظمي جو موت خودڪشي آھي يا قتل، ان جي گھڻ رخي جاچ ٿيڻ گھرجي، جيڪڏھن خودڪشي آھي تہ ان کي ان قدم کڻڻ تائين ڪنھن مجبور ڪيو؟ ان کي بہ ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي۔ پر اسان جون يونيورسٽيون خودڪشي ڪرڻ جو آسان ھنڌ ڇو بنيل آھن؟ ھاسٽلون ڇو محفوظ ناھن؟ جيڪڏھن اتي سي سي ڪيمرا سسٽم ۽ چوڪيداري سسٽم ھجي ھا ته خودڪشي واري قدم کي ھڪدم ڏسي روڪي سگھجي ھا ۽ ان سان سڀ شاگردياڻيون 24 ڪلاڪ نگراني ۾ ھجن ھا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڳاٽي ٽوڙ فيسن باوجود يونيورسٽيون ۽ ھاسٽلون لاوارث آھن، جتي شاگرد ۽ شاگردياڻيون آساني سان موت جي ڀاڪرن ۾ ھليا وڃن ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪڏھن يونيورسٽين ۾ ناحق خون سان انصاف ٿئي ھا ۽ ذميوارن کي سزا اچي ھا ته اڄ ھي افسوسناڪ واقعو پيش نہ اچي ھا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ واقعي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گھرجي۔ يونيورسٽي انتظاميه شاگردياڻي جي موت جي ذميوار آھي۔ انتظاميہ جي نااھلي ۽ مجرماڻ غفلت شامل آھي۔ ذميوارن جو تعين ڪري انھن کي سزا ملڻ گھرجي. 

پهنجو تبصرو موڪليو