قومي اسمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) قومي اسمبلي جو اجلاس اپوزيشن جي هنگامي، ڪورم اڻ پورو هئڻ ۽ مني بجيٽ تي اتحادين جي تحفظات بعد غير معينه مدت لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي. خميس تي پيش ڪيل مني بجيٽ جو بل پاس نه ٿي سگهيو، ان تي جمعي تي بحث ٿيڻو هو جيڪو نه ٿي سگهيو. جمعي تي صبه جيئن اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ شروع ٿيو ته تلاوت بعد سوالن جوابن جي ساهي شروع ٿي ته اپوزيشن وارن پوائنٽ آف آردر تي ڳاکلهائڻ چاهيو، ڊپٽي اسپيڪر کين چيو ته اڳ ۾ ڪاروائي هلڻ ڏيو ان دوران تڪرار ٿيو ته اپوزيشن وارن ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڪورم پورو نه ٿي سگهيو ۽ اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. مني بجيٽ ۾ 343 ارب روپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز هئي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي مبينه خودمختاري بابت به تجورز هئي. اپوزيشن جو چوڻ آهي ته حڪومت اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختاري آءِ ايم ايف وٽ گروي پئي رکي.

پهنجو تبصرو موڪليو