قتل ڪيس جو قيدي جيل بدران نجي اسپتال داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)شاهزيب خان جي قتل ۾ سزا ٻڌايل جوابدار شاهه رخ جتوئي جيل بدران اسپتال ۾ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. شاهه رخ جتوئي شاهزيب خان جي قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽي رهيو آهي. ذريعن موجب جوابدار سينٽرل جيل بدران بيماري جو سبب ڄاڻائي خانگي اسپتال داخل هو. صوبائي حڪومت جي منظوري سان شاهه رخ کي هڪ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي هو ڪافي عرصي کان رهي رهيو هو. معاملو ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ شاهه رخ جتوئي کي ٻيهر سينٽرل جيل اماڻيو ويو آهي. ان ڏس ۾ سينٽرل جيل جي سپرنٽينڊنٽ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس نمبر بند هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو