قاضي عطا محمد عباسي علمي خدمتون

عبدالفتاح عباسي

سماجي، ادبي، ديني، مذهبي حوالي سان لاڙڪاڻي جو قاضي خاندان پوري سنڌ ۾ مشهور آهي، جنهن جو ثبوت انهيءَ خاندان جي هڪ نه پر هڪ ٻئي پٺيان ڪيترائي شخص علمي ادبي سماجي حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ رهندا پيا اچن .هن سنڌ جي لاڙڪاڻي جي عظيم شخصيت جو تعلق هونئن ته لاڙڪاڻو ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي ڪوٽ قبولو، ڪوٽ مرزا ڪالو سان رهيو آهي پر ان کان اڳ ۾ ٻڌايو ٿو وڃي ته لاڙڪاڻي جي تعلقي رتوديرو جي مسوديرو سان به رهيو آهي.جتي قاضي محمد عثمان عباسي ڪلهوڙا جي گهر ۾ هڪ اهڙو ذهين ۽ ڏاهو ٻارڙو پيدا ٿيو. جنهن جو نالو قاضي عطا محمد عباسي رحمت الله عليه  رکيو ويو.جيڪو ننڍپڻ کان ئي پنهنجي دوستن مٽن مائٽن سان کيڏڻ بجاءِ هو سدائين مطالعي سان رهندا هيا.پاڻ پنهنجي علمي ڏاهپ سبب هڪ ننڍي ڪوشش ڪندي علائقي جي هر هڪ عمر جي ماڻهن کي تعليم عام ڪرڻ لاءِ خالص مفت ديني ۽ دنياوي تعليم ڏيڻ لاءِ صبح کان ويندي رات تائين پنهنجي جڳهه جي صحن آڱر تي ئي درس و تدريس جو اهتمام ڪندي پوري علائقي سميت ڀر وارن ڪيترن ئي علائقن جي ماڻهن کي انهيءَ شعور ڀري  تعليم جي لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ سميت  تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي  بي مثال ڪوششون ورتائون.جنهن جي ڪري علائقن جي اندر اهو قاضي خاندان“ استاد خاندان ” جي حوالي سان مشهور ٿيندو ويو جو هر ٻئي ڳوٺ جو ماڻهو اهو چوندو رهندو هيو ته اسان ته قاضي خاندان وٽ ئي تعليم پڙهنداسين .جيڪو ديني تعليم سان گڏ دنيا جي جديد ترين دنياوي تعليم پڻ ڏيندي اسان جي ڳوٺن ۾ هڪ اهڙو شخص پيدا ٿيڻ ڪنهن معجزي کان خالي ناهي.انهيءَ علمي ادبي شخصيت قاضي عطا محمد عباسي ڪلهوڙا جي علمي هاڪ ڳوٺان ڳوٺ مشهور ٿيڻ بعد شهرن ۾ وڃي پهتي جتان جا ماڻهو به پنهنجي خوشقسمتي سمجهندي انهيءَ درس و تدريس ۾ شامل ٿيڻ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندا هئا.

ڇاڪاڻ ته انهن عظيم انسان جي علمي ڏاهپ ڪنهن هڪ شخص جي لاءِ ته نه هوندي آهي. اهي علم کي عام ڪندڙ انسان بغير ڪنهن رنگ و نسل جي سڀ جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهندا آهن.اهڙن انسانن جي ڪري ئي هيءَ دنيا باقي قائم ۽ دائم  آهي. انهيءَ عظيم انسان جي اها پڻ پنهنجي وقت ۾ هڪ معمول هوندو هيو ته صبح جو نماز فجر بعد جو تڏي تي ويهندا هئا تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ته ويندي ٻيپهري جي نماز جو وقت اچي ويندو هو.هو کائڻ پيئڻ جي پرواهه ڪرڻ بنا علم کي عام ڪرڻ لاءِ ۽ نئين نوجوان نسل جي خير خواهي ڪرڻ لاءِ انهن جي زندگي ۾ علم جي منتقلي لاءِ هر وقت ڪوشان ڏٺا ويندا هئا.اهو ئي نه ته هو بس ٻيپهري بعد ڪو آرام ڪندا هئا پر هو پنهنجي گهر جي ڪم ڪار کان فراغت بعد ئي وري سانجهي نماز کانپوءِ ويهندا هئا ته وري رات ٿي ويندي هئي پر هن ڏاهي، علمي شخصيت جو تعليم کي عام ڪرڻ جو حرص جستجو جاري هوندي هئي. ٻارڙاڻي معصوماڻي عمر کان ويندي 40 کان 50 سال جا پيرسن ماڻهو به اچي انهيءَ علمي لياقتن مان فيضياب ٿيندا رهندا هئا.جنهن ڪري پوري علائقي ڪوٽ قبولي ،ڪوٽ مرزا ڪالو،ٽاٽڙي،سيهڙ،باڊهه،ڏوڪري،باقراڻي ۽ ان کان اڳ وري رتوديرو جي مسوديرو ،بنگل ديرو،نئون ديرو،لاڙڪاڻي سميت ٻين ڪيترن جاين تي تعليم جو معيار بلند ٿيڻ لڳو ۽ انهي عظيم انسان جي ڪوششن سان ڪيترائي خاندان ڪٽنب تعليم جهڙي زيور سان آراسته ٿيڻ لڳا جڏهن ته تنهن دور ۾ تعليم ڪنهن ڪنهن وٽ هوندي هئي.هن بزرگ جي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ سان انتها درجي جي محبت هوندي هئي هو عربي ۽ فارسي تي خاصو عبور رکڻ باوجود به سنڌي ٻوليءَ کي عام ڪرڻ لاءِ تنهن دور ۾ به هر طرح جي ڪوشش ڪندا رهيا ڇاڪاڻ ته اها پنهنجي مادري زبان اسان جي قومي سڃاڻپ آهي. سنڌي زبان پنهنجي حلقا احباب ۽ شاگردن ۾ اها پرچار ڪندا رهيا ته پنهنجي زبان کي سڃاڻپ بڻائيندي پنهنجن ٻارڙن پنهنجي اولاد ۾ اهو سلسلو رکڻو پوندو جيئن اسان جو ايندڙ نسل پنهنجي سنڌي زبان سان روشناس ٿيل هجي.سندن جا سنڌي ،عربي، فارسي ۽ اردو ۾ اکر موتين جي داڻن جيان هوندا هئا. تحرير مقصد آميز هوندي هئي جيئن  چئجي ته جامع ۽ مختصر هوندي هئي. پاڻ ديندار، متقي، پرهيزگار ۽ سچا پڪا عاشق رسول صلي عليه وسلم هئا. شريعت ۽ طريقت ۾ هڪ مثال طور سچيءَ سنڌ ۾ شناخت هوندي هئي. تنهن دور ۾ به سامونڊي جهاز ذريعي حج جي سعادت حاصل ڪيائون. هو سماجي سڌارڪ اڳواڻ جيان فلاحي ڪم ڪارن ۾ اڳيان اڳيان هوندا هئا.پنهنجي علائقي جي تعليمي تربيت ڏيڻ سان گڏوگڏ هو علائقي جي ڪيترن ماڻهن جي سرچاءَ ڪرائڻ لاءِ پڻ بهتر ڪردار ادا ڪندا رهيا جنهن ڪري پوءِ سڄي علائقي ۾ اهو خاندان هڪ “باب علم” جي صورت اختيار ڪندو ويو ڇاڪاڻ ته انهي گهراڻي وٽان هڪ نه،  ٻه نه ، سو هزار نه  پر الائي ئي ڪيترا شاگرد، نوجوان، پڪا پوڙها تعليمي زيور سان مستفيض اڃا تائين ٿيندا پيا اچن.پاڻ چوندا هئا ته علم کان بغير ماڻهو ڪجهه به ناهي علم سواءِ ماڻهو ائين آهي جيئن ڪو هوا جو جهوٽو هجي. پر علم ماڻهو کي انسان ٿو بڻائي ۽ انسانيت ئي خير .فلاح ۽ بهبود جو ٻيو نالو آهي.ڇاڪاڻ ته جيستائين ماڻهو ٻين جي فائدي لاءِ ناهي ۽ رڳو پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ جيئي ٿو اهو جيئڻ ناهي پر پنهنجي نفس کي عارضي ٿورڙي وقت لاءِ خوش ڪرڻ آهي.پاڻ نياڻين جي تعليم ڏيڻ تي پڻ زور ڏيندا هئا جيڪي ماڻهو پنهنجي نياڻين کي ٿعليم نه ڏياريندا هئا انهن کي وٺي پاڻ سمجهندا هئا ته هڪ نياڻي پڙهائڻ سان پورو خاندان تعليم يافته ٿئي ٿو.جنهن ڪري ئي پنهنجين ٻن نياڻين کي عام تعليم ڏيارڻ سان گڏ ئي “حافظ قرآن ” پڻ بڻايو جيڪي پڻ پنهنجي علائقي جي نياڻين کي تعليمي حوالي سان سگهارو ڪردار ادا ڪنديون رهيون ۽ انهن جون اهي ٻئي نياڻيون ديني قرآني تعليم عام ڪنديون رهيون، جڏهن ته انهن حافظ قرآن نياڻين جا ڀائر جيڪي پاڻ وڏا اديب ۽ وقت جا بهترين مقرر، ڏاهن انسان دوستن طور سڃاتا ويندا هئا جن ۾ سائين قاضي عطا محمد عباسي ڪلهوڙا جي چئن پٽن ۾ به ساڳيو جذبو ۽ ولولو ڏسڻ لاءِ ملي ٿو.جيڪي پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان لاڙڪاڻي شهر منتقل ٿيڻ بعد اتي شهري ماحول ۾ به  اهي بغير ڪنهن لوڀ لالچ جي قاضي عبدالرزاق عباسي ڪلهوڙا لاڙڪاڻي شهر جي گجڻ پور جي مجاهد مسجد يا وري هڪ مشهور پي وي سنڌي اسڪول ۾ تعليم کي عام ڪرڻ جي جستجو ڪندا رهيا ۽ آخري عمر تائين اهو سلسلو سندن جو جاري و ساري رهيو.،قاضي عبدالحق عباسي جن به لاڙڪاڻي شهر جي هڪ رحمت پورمحلي ،دڙي محلي، حمل پاڙي سميت ٻين علائقن جي اندر تعليمي جاڳرتا جاري رکندا پئي آيا ته پيپلز پارٽي جي ان وقت جي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر بيگم اشرف عباسي پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني هئي جنهن ڪري ڪجهه عرصو هو پ پ ۾ رهيا به هئا پر پ پ جي ڪجهه پاليسين ڪري هو پ پ کي الوداع ڪري ڇڏيائون. انهيءَ دور ۾ جماعت اسلامي جو پڻ عروج  هيو جنهن ڪري وري انهيءَ جماعت جي مرڪزي امير مولانا جان محمد عباسي جيڪي پڻ لاڙڪاڻي شهر جي باقراڻي روڊ  جا رهائشي هيا .تن قاضي عباسي خاندان جو هڪ وسيع حلقا احباب ٻڌي ڪري اچي جماعت اسلامي ۾ شموليت جي دعوت ڏني هئي جنهن ڪري قاضي عبدالحق عباسي مذهبي سوچ رکڻ جي ڪري انهيءَ ۾ شامل ٿيا ۽ آخري وقت تائين انهي ۾ رهيا جنهن ڪري هميشه جناح ڪيپ به پائيندا هئا..قاضي نورالحق عباسي، قاضي عبدالقادر عباسي جن به پنهنجي والد محترم جي ڏسيل واٽ نه وساري ۽ انهن به اهو ئي علمي سماجي سوشل ڪميونٽي جي بهتريءَ وارو ڪم اڳتي وڌائيندا آيا. قاضي عبدالقادر عباسي جي پ پ پ جي انهيءَ وقت جي صوبائي صدر ۽ صوبائي صحت جي وزير عبدالوحيد ڪٽپر جي ڀاءُ محمد سليمان ڪٽپر جي نياڻي سان شادي ٿي. جنهن ڪري ئي وري ڪٽپر خاندان سان اهو رشتيداري جو هڪ سلسلو پڻ رهيو.جڏهن ته انهيءَ خاندان ۾ پويان قاضي عبدالرزاق عباسي ڪلهوڙا جي اولاد ۾  عبدالغفار عباسي، عبدالوهاب عباسي،قاضي عبدالحق عباسي جي اولاد ۾  الطاف احمد عباسي، ڊاڪٽر شجاع احمد عباسي،قاضي نورالحق جي اولاد ۾  آفتاب احمد عباسي، ارشاد احمد عباسي، امتياز احمد عباسي جڏهن ته قاضي عبدالقادر عباسي جي اولاد ۾ ڊاڪٽر بشير احمد عباسي، شبير احمد عباسي، اعجاز احمد عباسي،عبدالبقا عباسي، ڊاڪٽر مشتاق احمد عباسي،مختيار احمد عباسي ۽ انصار احمد عباسي آهن.جن  جي  اولاد ۾ ٻيا به ڪيترائي علمي شعوري طور تي اهم نالا پڻ  شامل آهن. هن  قاضي عباسي ڪلهوڙا خاندان جو هڪ وڏو تعليمي سرگرمين جي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار رهيو  آهي تعليم جي واڌاري لاءِ انهيءَ خاندان جون وڏيون قربانيون آهن لاڙڪاڻي ۽ ڀر وارن علائقن ۾ تعليمي سرشتي کي اڳتي وڌائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن.اهي پنهنجن وڏڙن جي روايات کي برقرار رکندي اڃا تائين تعليمي سرگرمين کي اڳتي وڌائڻ جون ڪوششون ڪندا پيا اچن.انهيءَ خاندان کي ضرور ڪنهن ڪامل هستيءَ جي دعا جو نتيجو مليل آهي جو اهي ڪٿي به هجن ٿا پر سندن جو اول کان آخر تائين اهو مقصد رهي ٿو ته ڪنهن به طرح انسانيت جي فلاحي ڪم ڪار ۾ هجڻ لازمي بڻجي وڃي.هونئن ته قاضي خاندان جي وڏڙن سنڌ جي ڪامل بزرگ هستي سلسله عاليه نقشبنديه مجدديه جي پيشوا حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رحمت الله عليه جي سلسلي سان وابستگي رهي ۽ مريد بڻيا. جيڪي ذڪر اسم اعظم الله جي تنوار سان پنهنجي دلين کي منور ڪندا پيا اچن.اڄ قاضي عباسي خاندان جي انهيءَ عظيم شخصيت جا پويان لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور، گجڻ پور ڪوثر مل علائقي ۾ رهائش پذير آهن جيڪي  مختلف حوالن سان تعليمي توڙي سياسي، سماجي، ادبي ،ديني مذهبي خدمتن طورسرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندا پيا اچن ۽ سندن فلاحي حوالي سان مشن پڻ جاري آهي.دعا آهي ته الله تعاليٰ قاضي حاجي عطا محمد عباسي ڪلهوڙا خاندان کي سدائين آباد ۽ شاد رکي جن جي ڪاوشن سان سنڌ جي عوام جي اندر تعليم عام ڪرڻ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪندي هڪ اهم ترين رحمت الله عليه ڪم سرانجام ڏنو ويو آهي.سنڌ ۾ هيءُ خاندان ائين محسوس ڪيو ويندو آهي جيئن سنڌ جي ڏاهن اديبن طور علامه آءِ آءِ قاضي،ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو جهڙين شخصيتن رڳو تعليم سان ئي مسلسل وابسته رهي ۽ آخري وقت تائين اهو عوام کي شعوري طور سگهارو بڻائڻ جون ڪوششون ورتيون ۽ سندن جو اهو مشن جاري رهندو پئي آيو ائين ئي هن قاضي خاندان جون نمايان تعليمي حوالي سان ڪوششون نٿيون وساري سگهجن، قاضي حاجي عطا محمد عباسي ڪلهوڙا رحمت الله عليه جن جي بي شمارخدمتن سبب اڄ به شاگردن جو هڪ وڏو تعداد عقيدت سان ياد ڪندو رهي ٿو. ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي ( شاهه لطيف). اهڙين عظيم شخصيتن کي عام و خاص ماڻهو ڏسي اڪثر چوڻ لڳندا آهن ته هيءُ ته ڪي درگاهن جا وڏا پير آهن ڇاڪاڻ ته انهن جو اٿڻ، ويهڻ ، زندگي جا سمورا معاملات شريعت مطهرهه مطابق گذرندا رهيا، هيءُ سراپا عشق رسول صلي الله عليه وسلم جا پيڪر هئا ۽ انهن جو هر مٽ، مائٽ، دوست احباب، سنگت ساٿ، پاڙي اوڙي کي محمدي فيض مطابق شريعت پاڪ جي پاسداري لاءِ هدايت ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيا، هن عظيم لاڙڪاڻي جي قاضي عباسي خاندان جو گهراڻو اڄ به تعليم، درس و تدريس سان گڏ متقي پرهيزگاري ۾ تقويٰ جي حوالي سان مشهور آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو