‘فيمينزم ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهد’ مهورتي تقريب

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي برادر محاذ سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن جي حقن بابت ڪيل جدوجهدن تي ناليواري ليکڪ، اسڪالر ڊاڪٽر قاسم سوڍر پاران  “فيمنزم ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجھد”جي عنوان سان لکيل ڪتاب جي مھورتي تقريب جو پرگرام سنڌ لئنگئيج اٿارٽي ۾ ٿيو. تقريب عوامي علمي ادبي فورم طرفان منعقد ڪئي وئي. تقريب کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا عبدالقادر رانٽي مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، عمراهه سمون، قاسم سوڍر، راشد دائودپوٽي، عاليا بخشل ٿلهو، حسين مسرت، ليکڪ جامي چانڊئي، مير حسن آريسر، ادريس لغاري، مدد علي سنڌي، زيب سنڌي، ساجده پرهياڙ، ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌياڻي تحريڪ سنڌ ۾ عورتن جي حقن جي جدوجهد ڪرڻ سان گڏ قومي ۽ طبقاتي مسئلن تي به جدوجهد ڪئي آهي ۽  هي ڪتاب شروعات آهي  سنڌياڻي تحريڪ جي عظيم جدوجهد تي اڃا وڌيڪ تحقيقي ڪم جي ضرورت آهي. سنڌياڻي تحريڪ جيڪا عظيم تاريخي جدوجهد ڪئي آهي سا وسارڻ جوڳي ناهي ۽ سنڌياڻي تحريڪ کي سلام آهي جيڪا اڄ به ٻيٽن تي قبضن خلاف جدوجهد سميت سنڌ جي هر مسئلي تي جدوجهد ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو