فهميدا قتل ڪيس ۾ اسراڻ جو والد جلد گرفتار ٿيندو، سيال

پکو(ن سنڌيار) پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سھيل انور سيال چيو آھي تھ پکو ۾ قتل ٿيل عورت فهيمده جَي ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جَي ايم پي اَي گهنور اسراڻ جو پيءُ شهيد اسراڻ جلد گرفتار ٿيندو، پيپلز پارٽي قيادت ظالم جو ساٿ نه ڏيندي. اهڙو اظهار هن تڏي تي پهچي فاتحه ڪرڻ بعد صهافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هن ڪيس جا چار جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن، ٻن ضمانت ڪرائي آهي. ايس ايس پي کي رهيل جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ آپريشن جِي هدايت ڪئي آهي، زخمي نوجوان جو علاج نه ڪرڻ تي ايم ايس خلاف قتل ڪيس داخل ڪرائينداسين، مختلف سوالن جي جواب ۾ سهيل انور سيال چيو ته سنڌ جي روايت آهي ته اسان عورتن جو احترام ڪندا آهيون ۽ عورتن جي اچڻ تي خون به معاف ڪري ڇڏيندا آهيون پر هن واقعي ۾ گوليون هڻي سيالن جي هڪ عورت کي شهيد ڪيو ويو، جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپور به اهي هدايتون ڏنيون آهن ته مقتول ناريءَ جي وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي، اسان ظلم ڪندڙن نه پر مظلومن جي حمايت ڪنداسين ۽ هنن جو ساٿ ڏينداسين. ايس ايس پي قمبر سمير چنا جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جو سڀاڻي رمانڊ ورتو ويندو، متاثر ڌر سان انصاف ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو