فنڊنگ ڪيس، ڪميشن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي زباني سمري فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.لارجر بينچ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف فيصلو محفوظ ڪري ورتو.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل لارجر بينچ فيصلو ٻڌايو.ياد رهي ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو