فلم ”جوڪر“ 1 ارب ڊالر جو بزنس ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ فلم (جوڪر) رليز ٿيڻ بعد هن مهل تائين هڪ ارب ڊالر يعني پاڪستاني هڪ کرب 55 ارب رپين کان وڌيڪ بزنس ڪري نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته اها پهرين آر ريٽيڊ فلم آهي جنهن اها منزل ماڻي آهي. 6 ڪروڙ ڊالر جي لاڳت سان تيار ٿيندڙ هالي ووڊ ٿرلر (جوڪر) رليز ٿيڻ کان پوءِ هن وقت تائين هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ بزنس ڪري ورتو آهي. جڏهن ته فلم هن مهل تائين سڀ کان وڌيڪ منافعو ڏيندڙ ڪامڪ بڪ فلم ٺهڻ سميت هلندڙ سال جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ ستين فلم بڻجي وئي آهي. فلم جي ڪهاڻي 1980ع ۾ نيويارڪ ۾ رهندڙ (آرٿر فليڪ) نالي شخص جي ارد گرد گهمي ٿي جيڪو هڪ ناڪام ڪاميڊين آهي ۽ پنهنجي حالتن جي ڪري هو هڪ نفسياتي قاتل بڻجي وڃي ٿو. فلم ۾ مرڪزي ڪردار (اوڪن فينڪس) ادا ڪيو آهي اوڪن فينڪس جي جاندار اداڪاري تي شوقينن ان جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي آهي. واضح رهي ته جوڪر کان اڳ سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪندڙ آر ريٽڊ فلم ڊيڊپولز 2 آهي جنهن 78 ڪروڙ 50 لک ڊالر کان وڌيڪ منافعو ڪمايو جڏهن ته ان کاپوءِ ڊيڊپول هئي جنهن 78 ڪروڙ 30 لک ڊالر جو بزنس ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو